حيدرآباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر ۽ پاڪستان مسلم ??يگ (ن) جي اڳواڻ صاحبزاده شبير انصاري 5 آگسٽ تي ڀارت پاران غيرقانوني طور تي والاريل ڪ??مير جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪرڻ جهڙي ڪڌي قدم جي ٽي سال مڪمل ٿيڻ تي سڄي ملڪ ۾ استحصال ڏهاڙو ڀرپور انداز ۾ ملهائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. اي پي پي سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي اڳوڻي ايم اين اي چيو ته هن ڏينهن ملهائڻ جو مقصد ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ والاريل ڪ??مير جي معصوم عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ آهي. هن چيو ته پاڪستان مسلم ??يگ (ن) ۽ ملڪ جي ٻين سياسي پارٽين پاران ريليون ڪڍيون وينديون ۽ ڪشميرين تي ٿيندڙ ڀارتي ظلمن جي خلاف آواز اٿاريو ويندو. هن چيو ته ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي ۽ ان مسئلي کي گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب حل ڪ??ڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان مسلم ??يگ (ن) ڪشمير مسئلي کي سدائين گڏيل قومن سميت سمورن فورمن تي اجاگر ڪيو آهي. هن حيدرآباد جي شهرين کي اپيل ڪ??ي ته اهي 5 آگسٽ تي ڪڍي ويندڙ ريلين ۾ ڀرپور شرڪت ڪري ڀارت جي والاريل ڪ??مير ۾ رياستي دهشتگردي جي خلاف ڀرپور احتجاج رڪارڊ ڪرائين.