اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) م??سم??اتي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته دنيا ۾ م??سم??اتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ موثر قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان ان ڏس ۾ پنهنجي پوري ڪوشش ڪري ره??و آهي، عالمي حدت عالمگير مسئلو آهي جنهن ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي، پاڪستان هن وقت تاريخ جي بدترين ٻوڏ مان گذري ره??و آهي جتي ان جي انفراسٽرڪچر کي وڏي پئماني تي نقصان پهتو آهي. بين الپارلياماني ??ونين ۽ قومي اسيمبلي جي حصيداري سان پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ تي ايشيا پيسفڪ ريجن جي پارليامينٽن جي ٽئين علائقائي سيمينار کي خطاب ڪندي شيري رحمان چيو ته م??سم??اتي تبديلين جي ڪري پاڪستان ۾ معمول کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ برساتون ٿيون، رڳو سنڌ ۾ ماضي جي ڀيٽ ۾ ستوڻ تي برساتون ٿيون، اها ئي صورت??ال ملڪن جي باقي علائقن جي به آهي. م??سم??اتي تبديلي واري وفاقي وزير چيو ته تازي ٻوڏ سان وڏي انگ ۾ فوتگيون ٿيون، لکين گهر ۽ بيٺل فصل تباهه ٿيا، 200 کان وڌيڪ پل ۽ سوين ڪلوميٽر رستا تباهه ٿيا، ريلوي، انٽرنيٽ جو نظام متاثر ٿيو، پاڪستان ۾ گرمي جي موسم ۾ شديد هيٽ ويوز کي پڻ منهن ڏيڻو پيو جڏهن ته برساتون به معمول کان وڌيڪ ٿي ره??ون آهن، اهو سڀ م??سم??اتي تبديلين جي ڪري آهي. هن چيو ته پاڪستان ڀرپاسي وڏا گليشيئرز موجود آهن جڏهن ته دنيا جو وڏو درياءَ ۽ نهري نظام به هتي موجود آهي، هن وقت پاڪستان ۾ ايندڙ بدترين ٻوڏ سان سنڌ جو وڏو علائقو متاثر ٿيو آهي، بين الپارلياماني ??ونين ۾ شامل ڪيترن ئي ملڪن کي به اهڙيون م??سم??اتي تبديليون درپيش آهن. وفاقي وزير چيو ته عالمي سطح تي م??سم??اتي تبديلين ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاڪستان جي دوري جي موقعي تي ان جي تصديق به ڪئي، جيڪي ملڪ دنيا ۾ م??سم??اتي تبديلين جو وڏو سبب بڻيل آهن اهي ان جي خاتمي لاءِ پنهنجو واعدو پورو نه ڪري ره??ا آهن. هن چيو ته هزاريه ترقياتي هدف اسرندڙ ملڪن جي لاءِ اميد جي ڪرن آهي.