اسلام آباد-19 سيپٽمبر (اي پي پي)پاڪ فض??ئيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو جي خاص هدايتن تي پي اي ايف بيسز ۽ ريجنل ڪمانڊر رليف ۽ بحالي جي ڪمن ۾ وڌي چڙهي حصو وٺي رهي آهي. پاڪ فض??ئيه جي اهلڪار ٻوڏ متاثرن کي خوراڪ، رهائش، صاف پاڻي ۽ طبي امداد جي بنيادي ضرورتن جي فراهميءَ لاءِ ڏينهن رات ڪوشان آهي. خاص طور تي پاڪ فض??ئيه جون ايمرجنسي ريسپانس ٽيمون سول انتظاميه سان گڏجي سنڌ، ڪي پي ڪي، بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب ۾ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ڊينگي بخار کان بچاءُ جي مهم ۾ پيش پيش آهن. پاڪ فض??ئيه جي ترجمان مطابق پاڪ فض??ئيه ٻوڏ متاثرن لاءِ 4853 خيما، 416221 فوڊ پيڪيجز، 3203.67 ٽن را??ن ۽ 242824 ليٽر صاف پاڻي فراهم ڪيو آهي. پاڪ فض??ئيه 257 ??ُڏ??من ذريعي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ 1521 ماڻهن کي محفوظ جاين تي منتقل ڪيو آهي.