اسلام آباد – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) ٻوڏ متاثرين جي امداد لاءِ سعودي عرب م??ن هڪ اڏام امدادي س??مان کڻي پاڪستان پهچي وئي. سعودي امدادي اڏام ڪراچي جي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي لٿي. پرڏيهي آفيس موجب سعودي عرب مان ٻوڏ متاثرين جي لاءِ امدادي س??مان آڻي??دڙ اها ٽئين اڏام آهي. ٻئي طرف پاڪستان سعودي عرب پاران امداد جي ڀرپور آجيان ڪئي آهي.