اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عالمي معيشت کي درپيش خطرن کي روڪڻ ۽ نوان رستا ڳولڻ جي لاءِ ن??ين سوچ، جرئتمنداڻي ويزن جي ضرورت آهي. هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته آئُون سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي دعوت تي فيوچر انويسٽمينٽ انيشيٽو سمٽ ۾ شرڪت جي لاءِ سعودي روانو ٿي رهيو آهيان. هن چيو ته عالمي معيشت جي موجوده صورتحال ان ڳالهه جي گهرجائو آهي ته معيشت کي درپيش مشڪلاتن تي ضابطو آڻڻ ۽ نوان رستا ڳولڻ جي لاءِ ن??ين سوچ ۽ جرئتمنداڻو ويزن اختيار ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته معيشتن کي نقصان پهچندڙ عالمي ٻاڙائي سان معيشت کي خطرن ب??بت شديد خ??شا آهن. وبا ۽ آبهوا سان پيدا ??ين??ڙ آفتن اڳ ۾ ئي اسرندڙ ملڪن کي تمام گهڻو نقصان پهچايو آهي. وقت اچي ويو آهي ته دنيا بامقصد ڳالهين جي ذريعي وڌندڙ چئلينجن جو حل ڳولي.