سرينگر – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ڪل جماعتي حريت ڪانف??نس جي اڳواڻن ۽ تنظيمن چيو آهي ته 27 آڪٽوبر ڄمون ۽ ڪشمير جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي، ڇو ته ڀارت 1947ع ?? ان ڏينهن ننڍي کنڊ جي ورڇ جي اصول جون ڌڄيون اڏائيندي ۽ ڪشميرين جون خواهشون پائمال ڪندي ڄمون ۽ ڪشمير تي قبضو ڪري ورتو هو. ڪشمير م??ڊيا سروس موجب ڪل جماعتي حريت ڪانف??نس جي اڳواڻ فردوس احمد شاهه، زمروده حبيب، ??اد?? حسين، سبط شبير، ياسمين راجا، ڊاڪٽر مصعب، مسلم ليگ ڄمون ۽ ڪشمير، پيپلز ليگ ڄمون ۽ ڪشمير پنهنجي بيانن ۾ چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جا ماڻهو آزادي جي لاءِ پنهنجي منصفاڻي جدوجهد تان ڪڏهن به دستبردار نه ٿيندا. هن چيو ته هٺ ڌرمي جي ڪري ڄمون ۽ ڪشمير دنيا جو سڀ کان وڏو فوجي گهيري وارو خطو بڻجي چڪو آهي.