اسلام آباد– 24 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??يو آهي ته پاڪستان وٽ ڪيترائي وسيلا ۽ موقعا آهن، پنهنجي ملڪ کي مضبوط ۽ خوشحال بڻائڻ جي لاءِ اسان جي ايندڙ نسل کي بنياد ۽ محرڪ فراهم ڪرڻ جي لاءِ انهن موقعن کان آگاهه ڪرڻ گهرجي، سياسي ا??تحڪام جو معاشي ا??تحڪام سان گهرو تعلق آهي، پنهنجي ذاتي حيثيت ۾ لاڳاپيل ڌرين کي هڪ ميز تي آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان ته جيئن قوم کي درپيش اهم مسئلن جي حل لاءِ اتفاق راءِ پيدا ڪري سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن لنڊن اسڪول آف اڪنامڪس اسٽوڊنٽس يونين پاڪستان ڊيولپمينٽ سوسائٽي جي اهتمام هيٺ ايوان صدر جي ڪ??دار جي موضوع تي منعقد سيمينار کي ورچوئل خطاب ڪندي ڪيو. ان سيسن جي صدارت لنڊن اسڪول آف اڪنامڪس اينڊ پوليٽيڪل سائنس (ايل ايس اي) جي ڊائريڪٽر بيرونس منوشي شفيق ڪئي. صدر ??يو ته آئين ۾ ايوان صدر جو ڪردار هڪ متحد قوت طور تي موجود آهي جتي صدر، ملڪ جو سربراهه هوندو آهي ۽ چونڊيل وزيراعظم کي ايگزيڪيوٽو اختيار حاصل هوندا آهن. هن ??يو ته هو آئين جي دائري ۾ رهي پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن ??يو ته ان حقيقت جي باوجود ته پاڪستان کي مشڪلاتون ۽ چئلينجز درپيش هئا تنهن هوندي به ان وٽ ڪيترائي وسيلا هئا جن جي ڪ??ي ان کي ڪيترن ئي بحرانن تي ڪ??ميابي سان ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملي. هن ??يو ته ڪورونا دوران پاڪستان ڪوويڊ 19 وبائي مرض جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ هڪ منفرد ۽ پنهنجي مرضي موجب تيار ڪيل حڪمت عملي جو استعمال ڪيو. لاڳاپيل ادارن ۽ صحت جي عملدارن هڪ جهڙائي سان ڪم ڪيو، جزوي طور تي لاڪ ڊائون جي حڪمت عملي کي ا??تيار ڪيو ۽ ان تي ڪميونيڪشن، آگاهي ۽ تعليمي ذريعن جي ا??تعمال سان عملدرآمد يقيني بڻايو، ان سان ملڪ کي ماڻهن جي زندگيون ۽ روزگار بچائڻ ۾ مدد ملي، اسان جون مسجدون، ڪاروبار ۽ صنعتي جايون کليل رهيون ۽ اسان ان بحران مان پنهنجي پاڙيسرين ۽ دنيا جي ڪيترن ئي ٻين ملڪن کان بهتر طور نڪري آياسين. صدر ??يو ته پاڪستان برابري، وقار ۽ خودمختياري جي بنياد تي پوري دنيا ۾ امن جي وڪالت ڪري ٿو ۽ عالمي ۽ علائقائي تڪرا??ن جو ڳالهين ۽ غور فڪر جي ذريعي حل چاهي ٿو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته عالمي برادري ۽ گڏيل قومن کي گهرجي ته اهي گڏيل قومن جي سلامتي ڪ??ئونسل جي قراردادن موجب ڀارت جي غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي پراڻي حل طلب مسئلي کي حل ڪرڻ ۽ ڀارت ۾ وڌندڙ مذهبي انتهاپسندي، ان جي هندوتوا نظريي، اسلامو فوبيا ۽ اقليتن خاص طور تي مسلمانن تي ظلم ۽ ڏاڍ جي روڪٿام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن ??يو ته پاڪستان گهٽ وسيلن جي باوجود گلوبل وارمنگ ۽ موسمياتي تبديلين جو مقابلو ڪرڻ جو چئلينج قبول ڪيو ۽ هڪ ارب وڻ لڳائڻ جو پروگرام شروع ڪيو ۽ بعد ۾ ان جي ڪ??ميابي تي حڪومت 10 بلين ٻوٽا لڳائڻ شروع ڪيا. گرين هائوس گئسز جي ا??راج کي گهٽ ڪرڻ، موسمياتي تبديلي جي ا??رن کي گهٽ ڪرڻ ۽ ايندڙ نسلن جي لاءِ وڻن، ٻُوٽن ۽ جهنگلي جيوت ۽ فطرت کي بچائڻ جي لاءِ وڻڪاري مهم جيڪا سڀاڻي جي بهتر دنيا جي لاءِ اسان جو حصو آهي. هن ??يو ته پاڪستان عالمي نوعيت جي بحران جي ڪ??ي بي گهر ٿيندڙ پناهگي??ن جي لاءِ فراخدلي سان پنهنجو هٿ کولي ڇڏيو ۽ 40 سالن کان وڌيڪ عرصي کان لکين افغان پناهگي??ن جي ميزباني ڪ??ي رهيو آهي جنهن جو عالمي تاريخ ۾ مثال نه ٿو ملي. هن ??يو ته سمورن پناهگيرن سان هڪ جهڙو سلوڪ ڪرڻ گهرجي ۽ انهن سان بنا ڪنهن نسل، رنگ يا مذهب جي فرق کانسواءِ هڪ جهڙو سلوڪ ڪرڻ گهرجي. هن ??يو ته ايوان صدر قوم کي درپيش سماجي ۽ صحت جي مسئلن کي منهن ڏيڻ ۽ مهانگي ۽ ناياب علاج کان بچڻ جي لاءِ پاڻ معائني ۽ جلد تشخيص تي ڌيان ڏيندي علاج جي ا??تياطي طريقن کي فروغ ڏيڻ ۾ وڌي چڙهي حصو ورتو. هن ??يو ته هو جعلي خب??ن جي معاملي تي ڌيان ڏئي رهيو آهي جيڪو هيـٺئين سطح تي سوشل ميڊيا جي ڦهلاءُ جي ڪ??ي وڌي رهيو هو. هن ??يو ته اسان کي پنهنجي عوام کي رڳو اهڙين خب??ن جي تفريح ۽ تربيت ڏيڻ جي ضرورت آهي جيڪا ڪنهن مستنند ذريعي تانو رتي وئي هجي ۽ ان کي وڌيڪ پکيڙڻ کان اڳ اعتماد جوڳي ذريعن کان تصديق ڪئي وئي هجي. هن ??يو ته جعلي خبرن مان مستنند خب??ن جي ڳولا جي حوالي سان تعليم، تربيت ۽ آگاهي ئي جعلي خب??ن جي خاتمي جو بهترين حل آهي. ملڪ جي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي روشني وجهندي هن ??يو ته هو سمجهي ٿو ته سياسي ا??تحڪام جو معاشي ا??تحڪام سان گهرو تعلق آهي، ان جي لاءِ هو پنهنجي ذاتي حيثيت ۾ لاڳاپيل ڌرين کي هڪ ميز تي آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان ته جيئن قوم کي درپيش اهم مسئلن جي حل لاءِ اتفاق راءِ پيدا ڪري سگهجي.