اسلام آباد– 25 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ??هي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف 25 کان 26 نومبر 2022ع تائين ترڪيه جو ٻن ڏين??ن جو سرڪاري دورو ڪري رهيو ??هي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ترڪيه جي صدر اردوان استنبول شپ يارڊ ۾ پاڪ بحريه جي لاءِ چار ملجم ڪارويٽ جهازن مان ٽئين پي اين ايس خيبر جو ??فتتاح ڪندو. جمعي تي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات وفاقي وزير چيو ??ه ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل تعاون تي ٻڌل ملجم منصوبو پاڪستان ترڪي اسٽريٽجڪ پارٽنر شپ ۾ هڪ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. هن چيو ??ه پنهنجي د??ري جي دوران وزيراعظم ترڪيه جي ڪاروباري برادري جي وفد ۽ اي سي او ٽريڊ اينڊ ڊيولپمينٽ بئنڪ (اي ٽي ڊي بي) جي صدر سان ملاقات ڪندو.