اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس چيو آهي ته هو ڪابل ۾ پاڪستان جي هيڊ آف مشن تي دهشتگرد حملي جي معاملي تي افغان عملدارن سان فعال رابطي ۾ آهي، اميد آهي ته ان حملي جي مڪمل جاچ ڪري جوابدارن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. طالبان جي ترجمان ذ??يح الله مجاهد جي مبينا ريمارڪس جي حوالي سان ميڊيا جي سوالن جا جواب ڏيندي ??رڏيهي وزارت جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ هڪ بيان ۾ چيو ته هڪ هڪ جاري جاچ آهي جنهن تي ويجهي کان نظر رکي رهيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي لعنت سان و??هڻ جي عزم تي قائم آهي. ميڊيا رپورٽس موجب طالبان جي ترجمان ذ??يح الله مجاهد پنهنجي ٽوئيٽر هينڊل ت?? دعويٰ ڪئي ته طالبان عملدارن اسلامڪ اسٽيٽ دهشتگرد گروپ جي هڪ غير??لڪ?? ڪارڪن کي مبينا طور تي پاڪستان جي اعليٰ سفارتڪار تي قاتلاڻي حملي ۾ ملوث هجڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو آهي.