جنيوا – 09 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سان وڏي پئماني تي تباهي ٿي، ٻوڏ سان نه رڳو انفراسٽرڪچر تباهه ٿيو پر ملڪي معيشت به بري طرح متا??ر ٿي، لکين گهر ٻوڏ ۾ وهي ويا، تعليمي ??دارا تباهه ٿي ويا ۽ زراعت ختم ٿي وئي، مشڪل وقت ۾ مدد ڪندڙ ملڪن کي پاڪستان نه وساريندو، ٻوڏ متاثرين ??ي نئين ??ر تعمير ۽ بحالي جي لاءِ وڏي پئماني تي امداد جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻوڏ متاثر علائقن جي نئين ??ر تعمير ۽ بحالي جي حوالي سان ”ڪلائميٽ ريزيليئنٽ پاڪستان“ عالمي ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته هن ڪانفرنس جي ميزباني ۽ ان کي خطاب ڪر?? منهنجي لاءِ اعزاز آهي، مون کي خوشي آهي ته گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس مون سان گڏ هن ڪانفرنس جي گڏيل صدارت ڪري رهيو آهي جهڙي طرح ٻوڏ ک??نپ??ءِ هن پاڪستان جي عوام جي احساسن جي ترجماني ڪئي ۽ مشڪلاتن کي اجاگر ڪيو، ان تي پاڪستان جي عوام پاران سندس ٿورا مڃان ٿو. ٻوڏ ک??نپ??ءِ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سنڌ ۽ بلوچستان سميت ٻوڏ سان شديد متاثر علائقن جو دورو ڪيو ۽ وسيع پئماني تي ٿيندڙ تباهي جو پاڻ جائزو ورتو، پاڪستان جي ٻوڏ متاثر عوام مشڪل وقت ۾ ان جي ڪردار ۽ خدمتن کي سدائين ياد رکندي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سان وڏي پئماني تي تباهي ٿي، 33 ملين ماڻهو شديد متا??ر ٿيا جڏهن ته ٻارن سميت 1700 ماڻهو ٻوڏ ۾ فوت ٿيا، ٻوڏ ريلن ۾ ڪيترائي لک ۽ هزارين ڪلوميٽر رستا وهي ويا، 10 لک ٻارڙين ??ميت 26 لک ٻارن جو تعليمي ??لسلو ڪٽجي ويو، مشڪل ترين وقت ۾ گڏيل قومن، ورلڊ بئنڪ، ايشيائي ترقياتي بئنڪ، وچ اوڀر ۽ يورپي ملڪن سميت دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن اسان جي مدد ڪئي، آئون انهن سڀني جا ٿورا مڃان ٿو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان اڃا تائين ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي کان ٻاهر ناهي نڪتو ۽ متاثر علائقن ۾ ريليف جو ڪم جاري آهي، بلوچستان ۽ سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ٻوڏ جو پاڻي اڃا به بيٺل آهي، ان کي ڪڍڻو آهي، انفراسٽرڪچر جي بحالي ۽ نئين ??ر تعمير جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڻي بيهڻ سان زراعت به شديد متا??ر ٿي آهي ۽ فصل پوکي نه ٿا سگهجن، اسان کي متاثر خاندانن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻو آهي ۽ پنهنجو روزگار ڪمائڻ جي قابل بڻائڻو آهي. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي جو ڪاٿو 30 ارب ڊالر لڳايو ويو آهي جيڪو پاڪستان جي جي ڊي پي جو 8 سيڪڙو آهي، 90 لک ماڻهو غربت جي ڌٻڻ ۾ دٻجي ويا آهن. هن چيو ته پاڪستان جي حڪومت متاثرين ??ي فوري مدد ۽ بحالي جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻي، 20 هزار ٽروپس، سوين هيلي ڪاپٽرز ۽ ٻيڙين ??يسڪيو آپريشن ۾ حصو ورتو ۽ متاثر علائقن ۾ ڦاٿل عوام کي محفوظ جاين ??ي منتقل ڪيو، 2.7 ملين ??اندانن کي 400 ملين ڊالر جي ڪيش گرانٽ ڏني پئي وڃي. وزيراعظم چيو ته هو ڪانفرنس جي سمورن شرڪت ڪندڙن جا ٿورا مڃي ٿو. انهن پاڪستاني عوام جو ڏک محسوس ڪيو. وزيراعظم چيو ته اڄ اسان تاريخ جي اهم موڙ تي بيٺل آهيون، پاڪستان کي ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي جي ڪري تمام مشڪل چئلينجز درپيش آهن، ٻوڏ متاثرين ??ون زندگيون بدلجي ويون آهن، حڪومت انهن جي ريڪوري، بحالي ۽ نئين ??ر تعمير جي لاءِ ٺوس منصوبو جوڙيو آهي، اسان کي ان سلسلي ۾ عالمي ??رادري جي مدد گهربل آهي، ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي جي ڪري پاڪستان جي معاشي ترقي جي رفتار پڻ بري طرح متا??ر ٿي آهي، پاڪستان اڪيلو ان تباهي سان ٿيندڙ اثرن کي منهن نه ٿو ڏئي سگهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته هن مشڪل صورتحال ۾ عالمي ??رادري پاڪستان جي ڀرپور مدد ڪندي.