اسلام آباد– 23 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنجاب جو نگران وڏو وزير بڻ??ڻ تي محسن نقوي کي مبارڪباد ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ??نگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ال??ڪشن ڪميشن آئين ۽ قانون موجب پنجاب جي نگران وڏي وزير جي مقرري جو فيصلو ڪيو. ال??ڪشن ڪميشن جي فيصلي جي آجيان ڪريون ٿا، اميد آهي ته شفاف، آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي چونڊن جون سڀئي گهرجون پوريون ٿينديون. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته محسن نقوي آئين جي گهرجن موجب ان ذميواري ۾ سرخرو ٿيندو. هِن چيو ته منهنجي دعا آهي ته هو ان آئيني ۽ عوامي فرض ۾ ڪامياب بڻ??ي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر طور توهان جي مقرري جي آجيان ڪريان ٿو. وزيراعظم پنجاب جي نگران وڏي وزير جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.