اسلام آباد -04 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڀارت جيڪڏهن سمجهي ٿو ته هو ڪشميري عوام جي مضبوط ارادي کي چيڀاٽي سگهي ٿو ته هو غلطي تي آهي، ڀارتي قابض فوج طرفان جاري رياستي دهشتگردي ڪشميري?? جي عزم کي نه ٽوڙي سگهي ٿي ۽ نه ئي ا?? جي جائز جدوجهد کي ڪمزور ڪري سگهي ٿي، ڀارت ڪرفيو، بليڪ آئوٽ، پنهنجي ڳالهه مڃائڻ، نظربندي، قيد ۽ بنيادي حقن کان انڪار جي ذريعي ڪشميري مردن، عورتن ۽ ٻارن کي سختي سان ??شانو بڻايو، اسان انه?? جي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت ان ??قت تائين جاري رکنداسي?? جيستائين هو ڀارتي ڏاڍ کان آزادي حاصل نٿا ڪري وٺن، پاڪستان سمورن عالمي پليٽ فورمن تي پڻ آواز بلند ڪندو رهندو. يوم ي??جهتي ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته هر سال 5 فيبروري تي پاڪستاني عوام پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان ايڪتا جو ورجاءُ ڪري ٿو، يوم ي??جهتي ڪشمير تي اسان حق خود اراديت لاءِ ڪشميري?? جي جدوجهد ۾ انهن سان ??نهنجي اڻٽر حمايت جي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا. هن چيو ته ڄمون ڪشمير جو تڪرار گڏيل قوم?? جي ايجنڊا تي سڀني کان ??راڻي حل طلب مسئلن مان ??ڪ آهي، گذريل 75 سالن ۾ ڀارت ڄمون ڪشمير تي پنهنجو ناجائز قبضو جاري رکيو آهي ۽ هتي جي عوام جا حق پائمال ڪري رکيا آهن، وزيراعظم چيو ته هزارين ڪشميري ڀارتي قابض فوج جي هٿن ۾ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪري چڪا آهن ۽ اڻ ڳڻين ظلمن جو شڪار آهن، ڀارت 5 آگسٽ 2019ع جي غير قانو??ي ۽ هڪطرفن قدمن کانپوءِ، پهرين کان خراب صورتحال بدترين رخ اختيار ڪري ورتو. ان غير قانو??ي ۽ هڪطرفن قدمن کي پاڪستان ۽ ڪشميرين رد ڪري ڇڏيو آهي، محمد شهباز شريف چيو ته ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ انساني حق?? جي صورتحال پاڪستان ۽ باقي دنيا لاءِ شديد ڳڻتي جو سبب بڻيل آهي. هن چيو ته مشهور ڪشميري سياسي قيادت کي غير قانوني طور تي نظربند ڪيو ويو آهي يا فرضي ڪيسن ذريعي ڄاڻي واڻي نشانو بڻايو ويو آهي، ميڊيا کي ڏاڍ ذريعي خاموش ڪيو ويو آهي ۽ عالم سڳورن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. اهڙا سخت قانون ٺاهيا ويا آه?? جيڪي ڪشميري عوام جي بنيادي آزادين کان انڪاري آهن. وزيراعظم چيو ته ڀارت والاريل ڄمون ڪشمير ۾ آبادياتي تبديليون آڻڻ لاءِ پنهنجي مهم تيز ڪري ڇڏي آهي ته جيئن ڪشميرين کي پنهنجي ئي زمين تي اقليت ۾ تبديل ڪري سگهجي. اهي قدم گڏيل قوم?? جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي قراردادن ۽ عالمي قانونن سميت چوٿين جنيوا ڪنوينش?? جي خلاف ورزي آهن. شهباز شريف چيو ته ڀارت جيڪڏهن سمجهي ٿو ته هو ڪشميري عوام جي مضبوط ارادن کي چيڀاٽي سگهي ٿو ته هو غلطي تي آهي، ڀارتي قابض فوج طرفان جاري رياستي دهشتگردي ڪشميري?? جي عزم کي نه ته ٽوڙي سگهي ٿي ۽ نه ئي انه?? جي جائز جدوجهد کي ڪمزور ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته اسان ڀارت تي زرو ڀريون ٿا ته هو پاڪستان، گڏيل قومن ۽ سڀ کان ??ڌي ڪري ڪشميري عوام سان ڪيل واعدن جو احترام ڪري. وزيراعظم چيو ته آئون سموري پاڪستاني قوم طرفان ??نهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن کي خاطري ڏيارڻ چاهيان ??و ته اسان انهن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهيون، اسان انه?? جي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت ان ??قت تائين جاري رکنداسي?? جيستائين هو ڀارتي ڏاڍ مان آزادي حاصل نٿا ڪري وٺن. پاڪستان سمورن عالمي پليٽ فارمز تي پڻ پنهنجو آواز بلند ڪندو رهندو ۽ والاريل ڄمون ڪشمير ۾ هندستا?? جي وحشياڻي قدمن کي اجاگر ڪندو رهندو.