اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف قومي اسيمبلي مان اعتماد جو ووٽ حاصل ڪري ورتو، قومي اسيمبلي جي 180 ميمبرن وز??را??ظم تي اعتماد جو اظهار ڪيو. قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت ۾ شروع ٿيو. اجلاس جي شروع ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پوري ملڪ ۾ پارليامينٽ بابت سوال اٿي رهيا آهن، اسان پوري دنيا کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته پارليامينٽ آئين، جمهوريت ۽ اعليٰ عدليه جي چار ٽي جي اڪثريتي بئنچ سان گڏ بيٺل آهي. بلاول ڀٽو زرداري قرارداد پيش ڪئي ته پاڪستان جي قومي اسيمبلي وز??را??ظم محمد شهباز شريف تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪري ٿي. اسپيڪر راجا پرويز اشرف قرارداد کي راءِ شماري جي لاءِ ايوان ۾ پيش ڪيو ته قومي اسيمبلي جي 180 ميمبرن پنهنجي سيٽن تي بيهي وز??را??ظم محمد شهباز شريف تي پنهنجي اعتماد جو اظهار ڪيو. اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو ته وز??را??ظم محمد شهباز شريف تي 180 ميمبرن اعتماد جو اظهار ڪيو آهي اهڙي طرح اها قرارداد قومي اسيمبلي پار??ن منظور ٿي چڪي آهي. اسپيڪر جو چوڻ هو ته مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور زندهه هجي ها ته اڄ ميمبرن جو انگ 181 هجي ها. واضح رهي ته وز??را??ظم جي عهدي تي برقرار رهڻ جي لاءِ 172 ميمبرن جو اعتماد لازمي آهي.