اسلام آبا?? – 16 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي فوري عملدرآمد سان خيبرپختونخواهه ۾ اٽي جي بحران تي ضابطو آندو ويو آهي، پنجاب کان خيبرپختونخواهه کي ب??ا رڪاوٽ فراهمي جاري آهي جڏهن ته وزيراعظم چيو آهي ته اٽي جي پهچ جي عمل ۾ ڪا به ڪوتاهي برداشت ن?? ڪئ?? ويندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پنجاب کان خيبرپختونخواهه کي اٽي جي فراهمي جي هدايت ڪئ?? هئي، پنجاب کان خيبرپختونخواهه کي اٽي جي ب??ا رڪاوٽ فراهمي جاري آهي. خيبرپختونخواهه ۾ اٽي جي پهچ جي مرحلن جي نگراني وزيراعظم پاڻ ڪري رهيو آهي. وزيراعظم هدايت ڪئ?? آهي ته اٽي جي پهچ جو ڪم تيز ڪيو وڃي، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جون نگران حڪومتون ان حوالي سان رابطو بهتر بڻائين، ان ڪم ۾ ڪا به ڪوتاهي برداشت ن?? ڪئ?? ويندي.