اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شه??از شريف 3 جون تي انقره ۾ ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان جي حلف برداري جي تقريب ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب کيس ان دوري جي دعوت ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان ڏني آهي. وزيراعظم ??و دورو پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ گه??ي ڀائراڻن لاڳاپن جو ورجاءُ هوندو. وزيراعظم محمد شه??از شريف 28 مئي 2023ع تي رجب طيب اردوان جي ترڪيه جي صدارت جي لاءِ ٻيهر چونڊجڻ تي حڪومت ۽ پاڪستاني عوام پاران مبارڪباد ڏيندو. پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ گهڻ رخي لاڳاپن جي وڌيڪ فروغ جي لاءِ وزيراعظم صدر اردوان کي اسلام آباد ۾ اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪائونسل (ايڇ ايل ايس سي سي) ۾ شرڪت جي دعوت ڏيندو. پاڪستان ۽ ترڪيه جا لاڳاپا گڏيل عقيدي، ثقافت ۽ تاريخ جي هڪ ??هڙ??ئي تي ٻڌل آهن ۽ اهي گڏيل اعتماد ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي نظرين جي هم آه??گي سان مضبوط ٿين ٿا. اعليٰ قيادت جي سطح تي مٽاسٽا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گه??ي ڳانڍاپي جو نمايان رخ آهي.