اسلام آباد- 15 جون (اي پي پي) اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ سان ڪمانڊنگ جنرل ليفٽيننٽ جنرل پيٽرڪ ڊي فرينڪ جي اڳواڻيءَ ۾ يونائيٽيڊ اسٽيٽس آرمي سينٽرل جي وفد ملاقات ڪئي. اين ڊي ايم اي جي چيئرمين پاڪستان کي درپيش خطرن، ڊزاسٽر مئنجمينٽ، آئوٽ لُڪ ۽ـ اين ڊي ايم اي جي ڍانچي، بين الاقوامي امداد ۾ ا?? جي ڪردار جو جائزو پيش ڪيو. ان موقعي تي عربي سمنڊ مان اُٿندڙ سامونڊي طوفان بائپر جواءِ جي جاري صورتحال ۽ پاڪستا?? جي سامونڊي علائقن ۾ طوفا?? جي پوندڙ اثرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ تيارين تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته موسمياتي لحاظ کان لچڪ ۽ موافقت جي روشنيءَ ۾ پاڪستا?? جي حمايت ۽ ا?? جي ڪوششن کي ت??ليم ڪرڻ جي ضرورت آهي، خاص طور تي جڏهن ان پاڻ آفت جو مقابلو ڪندي آزمائش جي وقت ۾ ترڪيه ۽ شام جي مدد ڪئي. جنرل فرينڪ پاڪستان ۾ ٻوڏ سٽيل علائقن کانپوءِ ٿيل نقصانن جو انتظام ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي پاسن تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي ۽ هڪٻ??ي جي ت??ربن مان مشغوليت ۽ تعاو?? جي مست??بل جي امڪان?? جي باري ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن اميد ظاهر ڪئي ته آگسٽ ۾ ٿيندڙ ٻه طرفي مشقن گيمبٽ ايڪسرسائزز سان ڊزاسٽرمئنجمينٽ جي شعبي ۾ ٻنهي ملڪ?? جي گڏيل تعاون کي هٿي ملندي. ٻنهي ڌُرين گڏيل ماحولياتي ت??فظ جي معياري پروٽوڪول جي عالمگير اطلاق ۽ هنگامي حالتن ۽ بحران دوران ترقي يافته ملڪ?? جي تخ??يف جي سانچ?? جي ڪامياب انتظام کي اختيار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.