اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فرا??س جي دوري تي پيرس پهچي و??و. پيرس ايئرپورٽ تي پاڪستاني سفير، اعليٰ فرانسيسي عملدارن ۽ پاڪستاني سفارتخاني جي عملدارن وزيراعظم جو شاندار استقبال ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون جي دعوت تي وزيراعظم محمد شهباز شريف فرا??س جو دورو ڪري رهيو آهي. وزيراعظم پنهنجي فرا??س جي دوري جي دوران گلوبل فنانسنگ پيڪٽ جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. فرا??س جي ميزباني ۾ ٿيندڙ ان سربراهي اجلاس ۾ 50 کان وڌيڪ ملڪن جا ملڪي ۽ حڪومتي سربراهه شرڪت ڪري رهيا آهن. وفاقي وزير شيري رحمان، سردار اياز صادق، مريم اورنگزيب ۽ خاص معاون طارق فاطمي وزيراعظم سان اعليٰ سط??ي و??د ۾ گڏ آهن. دوري دوران وزيراعظم فرانسيسي صدر پاران ڏنل آجياڻي ۾ پڻ شرڪت ڪندو. وزيراعظم پنهنجي دوري دوران مختلف ملڪن جي سربراهن سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو.