اسلام آباد – 07 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت سماجي تحفظ اڪائونٽ جاري ڪري ڇڏيو. بي آءِ ايس پي تحت سماجي تحفظ اڪائونٽ جي جاري ڪرڻ جي تقريب ٿي. تقريب ۾ وزيراعظم خاص مهمان طور ش??ڪت ڪئي. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، غربت جي خاتمي واري وفاقي وزير شازيه مري ۽ مملڪتي وزير فيصل ڪريم ڪنڊي به موجود هئا. ان موقعي تي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته هلندڙ سا?? 3 لک نئين ماڻهن کي پروگرام ۾ شامل ڪيو ويندو. سماجي تحفظ اڪائونٽ سا?? پروگرام ۾ شفافيت ايندي. بي آءِ ايس پي تحت رجسٽرڊ ماڻهو بئنڪ اڪائونٽ هولڊر هوندا.