نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ت?? علائقائي امن کي يقيني بڻائڻ ۽ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ هٿيارن جي غيرضروري ڊوڙ جي خاتمي لاءِ ڄمون ڪشمير تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد تمام گهڻو ضروري آه??. نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي موقعي ت?? ”الجزيره“ ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ نگران پرڏيهي وزير چيو ته انهن قراردادن تي عملدرآمد نه ٿيڻ سان خطي جي امن تي سڌوسنئون اثر پئجي رهيو آه??. ان کانسواءِ پاڪستان ۽ ڀارت ٻنهي جي ترقي ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪن جي علائقائي تعاون تنظيم (سارڪ) پڻ متاثر ٿي رهي آه??. هن چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي ڏس ۾ ڪشمير پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ سڀ کان اهم ۽ بنيادي مسئلو آه?? جنهن ۾ ڪشميرين جي امنگن موجب غيرجانبدراڻي ريفرنڊم جو مطالبو ڪيو ويو آه??. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته قراردادن کي 70 سال اڳ منظور ٿيڻ جي باوجود انهن تي عملدرآمد نه ٿيو. هن نشاندهي ڪئي ت?? ڪشمير گهيراءُ ۾ آه?? ۽ واديءَ ۾ 7 لک کان وڌيڪ ڀارتي فوجي مقرر آه??، والاريل ڪشمير ۾ ماڻهن کي انساني حقن جون ب??ترين سنگين خلاف ورزيون درپيش آه??. ڪشمير کي انساني جيل قرار ڏيند?? هن چيو ته ماڻهن کي انهن جي منصفاڻي حقن کان محروم ڪيو پيو وڃي ۽ ڪشميري اڳواڻن کي ڀارت نظربند ڪري رکيو آه??. هن چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت ان تڪرار تي جنگيون وڙهي چڪا آه?? ۽ اهو مسلسل ڇڪتاڻ جو سبب آه??. نگران پرڏيهي وزير چيو ته اها گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ذميواري آهي ت?? اها پنهنجي قراردادن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي جيڪي ڊگهي عرصي کان التوا جو شڪار آه??. اهو پڇڻ تي ت?? ڇا ڪشمير جي آزمائش جي فلسطين سان ڀيٽ ڪري سگهجي ٿي، هن چيو ته ٻنهي کي انصاف کان انڪار کي منهن ڏيڻو پيو. هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي ت?? نيويارڪ ۾ او آءِ سي جي فلسطين ب??بت رابطا گروپ جي اجلاس ۾ شرڪت جو ذڪر ڪيو جت?? هن فلسطين جي عوام سان پاڪستان جي مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن ڪشمير ۽ فلسطين ب??بت گڏيل قومن جي قراردادن تي جلد عملدرآمد تي زور ڏنو. موسمياتي تبديلي جي تباهي آڻيندڙ اثرن ب??بت ڳالهه ڪند?? هن چيو ته اهو پاڪستان جي لاءِ هڪ وڏو چئلينج آه?? ڇو ته اهو 10 سڀ کان وڌيڪ منفي طور تي متاثر ملڪن ۾ شامل آه??. هن گذريل سال پاڪستان کي ٿيندڙ وڏي نقصان جو ذڪر ڪيو جنهن ۾ فصل، چوپائي مال ۽ بنيادي ڍانچي کي پهچندڙ نقصان کانسواءِ 30 ملين ماڻهو متاثر ٿيا هئا. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل موسمياتي تباهي کانپوءِ انتهائي مددگار ڪردار ادا ڪيو ۽ پاڪستان جي لاءِ جنيوا ۾ ڪانفرنس منعقد ڪرڻ تي ان جا ٿورا مڃيا.