سرينگر ??? 27 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪنٽ??ول لائن جي ٻنهي پاسن ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميرين ڄمعي تي ڪارو ڏهاڙو ملهايو جنهن جو مقصد دنيا کي واضح پيغام ڏيڻ آهي ته ڀارت انهن جي وطن تي غير قانوني طور تي ۽ انهن جي خواهشن جي ابتڙ قبضو ڪيو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق ڪارو ڏهاڙو ملهائڻ جو سڌ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس ڏنو آهي. 27 آڪٽوبر 1947 تي ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارتي فوج جي جارحيت ۽ نريندر مودي جي فسطائي ڀارتي حڪومت ??رف??ن 5 آگسٽ 2019 تي والاريل ڪشمير جي خاص ح??ثي?? کي رد ڪرڻ جي مذمت لاءِ گذري ڏينهن آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ احتجاجي مارچ، ريليون ۽ سيمينار منعقد ڪيا ويا.