لنڊن – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان هائي ??مي??ن لنڊن ۾ ڄمون ۽ ڪشمير ڪارو ڏينهن ملهايو ويو. واضح رهي ته 27 آڪٽوبر 1947ع جي ڏينهن ڀارت ڪشميرين جي مرضي ۽ خواهشن جي خلاف سرينگر ۾ پنهنجي فوج لاهي ڄمون ۽ ڪشمير تي زبردستي قبضو ڪيو هو. ڄمون ۽ ڪشمير ڪاري ڏينهن جي هن تقريب ۾ ڪراس پارٽي برٽش پارليامينٽرينز، ڪشميري اڳواڻن، دانشورن ۽ انسان?? حقن جي تنظيمن جي نمائندن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي صدر پاڪستان، نگران وزيراعظم ۽ نگران پرڏيهي وزير جا پيغام پڻ پڙهي ٻڌايا ويا. هائي ڪمشنر پنهنجي ريمارڪس ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جي ڪاري ڏينهن جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ان ڏينهن جي موقعي تي جڏهن ڀارت 76 سال اڳ الحاق جي دوکيبازي جي بنياد تي سرينگر ۾ پنهنجي فوج مقرر ڪري عالمي قانونن ۽ اخلاقيات جي خلاف ورزي ڪئي هئي. هن ڀارتي قابض فوج جي هٿان ??يگناهه ڪشميرين تي جاري ظلم ۽ ڏاڍ طرف ڌيان ڇڪرايو. هائي ڪمشنر ڀارت جي غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ظالماڻي قانونن ۽ انسان?? حقن جي خلاف ور??ين جي خاتمي لاءِ عالمي ڪارروائي جي فوري ضرورت تي زور ڏنو. برطانوي پارليامينٽرينز ۽ مقررين والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني بحران ??ابت خدشن کي اجاگر ڪندي ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هنن برطانيا جي حڪومت کان ڪشميرين ج?? حقن جي تحفظ جو مطالبو ڪيو. هنن برطانيا جي پارليامينٽ ۾ انسان?? حقن جي خلاف ور??ين تي ڌيان ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ ڀارت تي زور ڏنو ته هو انسان?? حقن جي تنظيمن کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پهچ فراهم ڪري. انسان?? حقن ۽ خودمختياري جي معاملي تي زور ڏيندي هنن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي بنياد تي عالمي برادري کان ڪردار ادا ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. ان کان ??ڳ هائي ??مي??ن ۾ هڪ تصويري نمائش منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج پاران ??اري ظلمن جا ثبوت تصويرن جي صورت ۾ ڏيکاريا ويا.