اسلام آباد – 14 – ن??مب?? (اي پي پي) نگر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان خيبرپختونخواهه جي نگر??ن وڏي وزير جسٽس (ر) ارشد ح??ين ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ خيبرپختونخواهه صوبي جي انتظامي معاملن ۽ امن امان جي صورتحال ۽ اسمگلنگ کي روڪڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ نگر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جسٽس (ر) ارشد ح??ين کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. نگر??ن وزيراعظم نگر??ن وڏي وزير جسٽس (ر) ارشد ح??ين جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته هو صوبي ۾ آزاداڻي ?? شفاف چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ اليڪشن ڪميشن جي مدد ۾ پنهنجو آئيني ڪردار ڀرپور طريقي سان ادا ڪندو.