اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري ??گران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته نگران حڪومت ??م ٿيل ماڻهن جي مسئلي کي سنجيدگي سان ڏسي ٿي، ان حوالي سان جوڙيل ٺوس سفارشون ايندڙ چونڊيل حڪومت جي حوالي ڪيون وينديون. ??نه??جي بيان ۾ هن چيو ته ??م ٿيل ماڻهن جي مسئلي تي قائم ڪيل ڪميشن، ڪميٽي جي راءِ، اعليٰ عدالتن جي رهنمائي، ميڊيا ۽ سول سوسائٽي جي راءِ جي ڏس ۾ نگران حڪومت ڊگهي غور فڪر کانپوءِ ٺوس سفارشون جوڙيون آهن جن کي ايندڙ چونڊيل حڪومت جي حوالي ڪيو ويندو.