اسلام آباد-15 فيبروري (اي پي پي) گهرو معاملن واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر گو??ر اعجاز جي صدارت هيٺ راولپنڊي اسلام آباد ۾ رٿيل اجلاس ۾ جاڙن شهرن راولپنڊي اسلام آباد ۾ پاڻيءَ جي فر??همي ۽ صفائي ۽ گند ڪچري کي ٺڪاڻي لڳائڻ جي موجوده نظام جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي خصوصي طور شرڪت ڪئي، جڏهن ته چي?? ڪمشنر اسلام آباد، لوڪل گورنمينٽ ڊپارٽمينٽ، آر ڊي اي ۽ ڪئنٽونمينٽ بورڊ جي نمائندن به اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس کي ٻُڌايو ويو ته 8 هزار ڪارڪن صفائيءَ تي ٻَڌل آهن جيڪي 7 ارب رپين جي سالياني بجيٽ سان روزانو تقريبن 2300 ٽن ڪچرو ٺڪاڻي لڳائيندا آهن پر ان باوجود ٻنهي شهرن ۾ صفائي کي معياري قرار نٿو ڏئي سگهجي. اجلاس کي ٻُڌايو ويو ته هن وقت جاڙن شهرن کي پاڻي جي 47 سيڪڙو کوٽ جو مُنهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي. گهرو وزير چيو ته اسان چاهيون ٿا ته گاديءَ وارو هنڌ ٻين شهرن لاءِ روشن مثال بڻجي. پاڻيءَ جي فر??همي ۽ صفائي بنيادي ضرورتون آهن. سڀاڻي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ اڄ فيصلا سازي ڪرڻي پوندي. هن چيو ته مربوط، جامع ۽ ??ؤث?? نظام جوڙڻو پوندو ته جيئن عوام کي معياري سهولتون فر??هم ڪري سگهجن. گهرو وزير چيو ته ان سلسلي ۾ جلد کان جلد سمورن ضروري قدمن تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته صفائي کي يقيني بنائڻ، پاڻي جي فر??همي جي نظام جي بهتريءَ لاءِ اڻٽر آهي. ان موقعي تي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته زمين اندر پاڻيءَ جي سطح ۾ بهتري، پاڻيءَ جي فر??همي ۾ انتهائي اهم آهي، ان لاءِ ان طرف توجهه ڏيڻي پوندي. هن چيو ته اسلام آباد جي قدرتي نالن جي صفائيءَ کي يقيني بڻائڻو پوندو.