ڪراچي – 19 – فيبروري (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته فلورل آرٽ رڳو هڪ مشغلو نه آهي پر اهو ٿراپي جو هڪ قسم آهي جيڪو اسان جي مجموعي ذهني صحت جي لاءِ فائديمند آهي. اها ڳالهه هن مسقط عمان ۾ منعقد پاڪستان بابت بلوم عمان ۾ انعام کٽيندڙ فلورل آرٽ سوسائٽي آف پاڪستان (ايف اي ايس پي) جي ميمبرن ۾ ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ورهائڻ جي تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي خاتون اول چيو ته ??اغباني ۽ گلن جي پوکيءَ ذهني دٻاءُ، پريشاني ۽ ڊپري??ن کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ڏي ٿي. هن چيو ته ??سان اها اسان جي گڏيل ذميواري آهي ته ??سان نه رڳو پنهنجي ماحول کي صاف ڪريون پر اهڙين سرگرمين کي پڻ فروغ ڏيون جيڪي اسان جي ذهني صحت تي مثبت اثر ڇڏين ٿا. هن چيو ته فلورل آرٽ جون تقريبون باقاعدگي سان منعقد ڪري اسان نه رڳو پنهنجي ڀرپاسي جي ماحول کي خوبصورت بڻائي سگهون ٿا پر پنهنجي نوجوان نسل کي به اهڙين صحتمند سرگرمين ۾ شامل ٿيڻ جي ترغيب ڏئي سگهون ٿا. هن چيو ته فلورل آرٽ ۽ ٻوٽن جي ثقافت نه رڳو اسان جي عوامي جاين کي خوبصورت بڻائي ٿي پر اسان جي زندگين ۾ رنگ ڀري ٿي. ثمينه عارف علوي بلوم عمان مقابلي ۾ پاڪستان جي لاءِ 11 انعام کٽڻ تي ايف اي ايس پي کي مبارڪباد ڏني. هن تقريب جي شرڪت تي ڪن??ڙن تي زور ڏنو ته ??هي عورتن ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي جلد سُڃاڻپ جي حوالي سان آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. ثمينه عارف علوي چيو ته گذريل 5 سالن دوران ڇاتيءَ جي ڪينسر جي حوالي سان آگاهي فراهم ڪرڻ جا مثبت نتيجا نڪتا آهن ۽ ڇاتيءَ جي ڪينسر سان ٿيندڙ م??ت جي شرح ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي. هن شرڪت ڪن??ڙن تي زور ڏنو ته ??هي معذور ماڻهن جي حقن ۽ ذهني صحت بابت شعور اجاگر ڪن. ان موقعي تي خاتون اول بلوم عمان ۾ پاڪستان جي لاءِ انعام کٽيندڙ ايف اي ايس پي جي ميمبرن ۾ تعريفي سرٽيفڪيٽ ورهايا.