چارسده – 13 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عوامي نيشنل پارٽي جي سربراهه اسفند يار ولي خان جي رهائشگاه?? تي وڃي سندس گهرواريءَ جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي. وزيراعظم ??فيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اسفند يار ولي خان جي رهائشگاه?? تي وزيراعظم ??ندس فرزند ۽ ا?? اين پي جي اڳواڻ ايمل ولي خان سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم مرحومه جي لاءِ فاتحه پڙهي ۽ درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم مرحومه جي خاندان سان تعزيت ڪئي ۽ ??نه?? جي لاءِ صبر جميل جي دعا پڻ ڪئي. ان موقعي تي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، دفاع واو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، اسٽيٽ اينڊ فرنٽيئر ريجنز وارو وزير امير مقام ۽ قومي اسيمبلي جو اڳوڻو ميمبر ۽ ا?? اين پي اڳواڻ غلام احمد بلور، خيبرپختونخواهه جي صوبائي اسيمبلي جو اڳوڻو ميمبر اختيار ولي پڻ موجود هئا.