اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چنڊ تي پاڪستان جو پهريون سيٽلائيٽ موڪلڻ تي قوم ۽ سائنسدانن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ائٽمي ميدان وانگر هن ميدان ۾ به اسان جا سائنسدان، انجنيئرز ۽ هنرمند پنهنجي صلاحيتن کي مڃرائي رهيا آهن، ا?? اهم ڪاميابي سان پاڪستان خلا جي بامقصد استعمال جي نئين دور ۾ داخل ٿي ويو آهي ۽ سيٽلائيٽ ڪميونيڪشن جي شعبي ۾ پاڪستان جي صلاحيت ۾ اضافو ٿيندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چي?? ته ”آئي ڪيوب قمر“ سيٽلائيٽ خلا ۾ پاڪستان جو پهريون قدم آهي، ائٽمي ميدان وانگر هن ميدان ۾ به اسان جا سائنسدان، انجنيئرز ۽ هنرمند پنهنجي صلاحيتن کي مڃرائي رهيا آهن. وزيراعظم چي?? ته انسٽيٽيوٽ آف اسپيس ٽيڪنالاجي جي ڪور ڪميٽي، ان جي ميمبر ڊاڪٽر خرم خورشيد، اسپارڪو سميت سموري ٽيم خاص طور تي پراجيڪٽ ۾ حصو وٺندڙ شاگردن کي دل جي گهراين سان خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. هن چي?? ته هماليه کان بلند، سمنڊ کان گهري ۽ ماکيءَ کان مٺي پاڪ چين دوستي خوشبوئن جي سرحد کان اڳتي نڪري اڄ خلائن جي سرحد به پار ڪري چڪي آهي، 8 ملڪن مان رڳو پاڪستان جي منصوبي کي قبول ڪرڻ اسان جي سائنسدانن ۽ ماهرن جي قا??لي?? جو اعتراف آهي، هي فني ترقي جي سفر جو تمام وڏو تاريخي لمحو آهي، ا?? اهم ڪاميابي سان پاڪستان خلا جي بامقصد استعمال جي نئين دور ۾ داخل ٿي ويو آهي. هن چي?? ته اها ڪاميابي سيٽلائيٽ ڪميونيڪشن جي شعبي ۾ پاڪستان جي صلاحيتن کي وڌائيندي، سائنسي تحقيق، اقتصادي ترقي ۽ قومي سلامتي جي ??اء?? نوان موقعا پڻ پيدا ڪندي. وزيراعظم چي?? ته پاڪستان جي فرزندن ثابت ڪي?? ته اهي خلائن کي به فتح ڪرڻ جي صلاحيت، جذبو ۽ مهارت رکن ٿا، الله ت??اليٰ چاهي?? ته 28 مئي 1998ع وانگر خلائن ۽ معاشي عروج ڪمال تي پڻ پهچنداسين. هن چي?? ته مواصلاتي ڍانچي ۾ خودمختياري جي ان خواب جي مڪمل تعبير سان پاڪستان به ان شعبي ۾ قائداڻو ڪردار ادا ڪندڙ ملڪن ۾ شمار ٿيندو، پاڪستان جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، جديد علم ۽ هنرمندي ۾ ترقي وقت ۽ ملڪ جي ضرورت آهي، پوري ڪوشش ۽ ڌيان آهي ته پنهنجي نوجوان نسل کي جديد علم ۽ فنون، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ اڳتي وٺي وڃون ته جيئن پاڪستان ايجادن جي دنيا ۾ به سڀ کان اڳتي هجي.