اسلام آباد – 22 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف راڻا ثناءُ الله کي بين الصوبائي رابطن واري وزارت جو قلمدان ڏئي ڇڏيو. ڪابينا ڊويزن پاران ??ار?? نوٽيفڪيشن موجب وزيراعظم شهباز شريف پنهنجا خصوصي اختيار استعمال ڪن??ي وفاقي وزير احسن اقبال کان بين الصوبائي رابطن واري وزارت جو اضافي قلمدان واپس وٺي وزيراعظم جي سياسي ?? عوامي معاملن واري صلاحڪار راڻا ثناءُ الله کي بين الصوبائي رابطن واري وزارت جو قلمدان ڏئي ڇڏيو آهي. هو بين الصوبائي رابطن واري وزارت جو صلاحڪار هوندو.