اسلام آباد – 26 – جون (اي پ?? پي) پاڪستان چيو آهي ته آمريڪي ايوان نمائندگان پاران من??ور ڪيل قرارداد 901 ملڪ جي سياسي صورتحال ۽ چونڊ عمل بابت ادراڪ جي کوٽ جي عڪاس آهي. اڱاري تي آمريڪي ايوان نمائندگان پاران قرارداد جي منظوري جي حوالي سان ميڊيا جي سوالن جي جواب ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پنهنجي بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان ان قرارداد جو نوٽيس ورتو آ??ي. ??ن ريمارڪس ڏنا ته اسان سمجهون ٿا ته ان مخصوص قرارداد جو وقت ۽ حقيقت اسان جي ٻطرفن لاڳاپن جي مثبت رخن سان هم آهنگ نه آهي ۽ اها پاڪستان جي سياسي صورتحال ۽ چونڊ عمل بابت اڻمڪمل تفهيم کي ظاهر ڪري ٿي. ترجمان چيو ته پاڪستان دنيا جي ٻي سڀ کان وڏي پارلياماني جمهوريت ۽ مجموعي طور تي پ??جين وڏي جمهوريت جي طور تي پ??هنجي قومي مفاد موجب آئيني نظام، انساني حقن ?? قانون جي حڪمراني جي قدرن جو پابند آهي. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل احترام ۽ افهام تفهيم تي ٻڌل تعميري ڳالهه ٻولهه ۽ رابطن تي يقين رکي ٿو. ان لاءِ اهڙيون قراردادون نه ته تعميري آهن ۽ نه ئي معروضي هونديون آهن. اسان کي اميد آهي ته آمريڪي ڪانگريس پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ معاون ڪردار ادا ڪندي ۽ ٻنهي عوام ۽ ملڪن جي مفاد ۾ گڏيل تعاون جي طريقن تي ڌيان ڏيندي.