اسلام آباد-29 جون (اي پي پي) قومي اقتصادي ڪائونسل جي ايگزيڪيٽو ڪميٽي (ايڪنڪ) 19 منصوبن جي منظوري ڏئي ڇڏي. قومي اقتصادي ڪائونسل جي ايگزيڪيٽو ڪميٽي (ايڪنڪ) جو اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ منعقد ٿيو. وزيراعظم ج?? مصروفيت سبب اجلاس جي صدارت نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪئي، اجلاس ۾ ناڻي، رٿابندي وارن وزيرن سميت ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن، صوبائي حڪومتن جي نمائندن کانسواءِ اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ سينٽرل ڊولپمينٽ ورڪنگ پارٽي (سي ڊي ڊبليو پي) جي مختلف اجلاسن ۾ تجويز ڪيل 21 ايجنڊا اي??مز تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ 19 منصوبن جي منظوري ڏني وئي. بلوچستان ۾ ٻوڏ سبب متاثر علائقن جي نئين س?? تعمير ۽ بحالي کي تيز ڪرڻ لاءِ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. فورم 4 سئو ملين ??الرن ۽ ورلڊ بئنڪ جي فنڊ مان انٽيگريٽڊ فلڊ ريسيلينس اي??ڊ ايڊاپٽيشن پروگرام ج?? چئن ذيلي جزن جي منظوري ڏني، ان مان هڪ 150 ملين ??الر (IFRAP) گهرن جي تعمير ۽ نئين س?? بحالي جو ذيلي حصو، 50 ملين ??الر روڊن جي بنيادي ڍانچي جو ذيلي حصو، 40 ملين ??الرن جو روزگار ۽ 30 ملين ??الر آبپاسي جي بنيادي ڍانچي جو حصو شامل آهي. پي ايس ڊي پي 25 -2024ع ۾ بلوچستان ۾ نئين س?? تعمير جي منصوبن لاءِ 11.2 بلين روپيا رکيا ويا آهن.ا جلاس هدايت ڪئي ته اعليٰ معيار کي يقيني بڻائيندي بلوچستان ۾ نئين س?? تعمير جون س??گرميون تيز ڪيون وڃن، فورم طرفان سنڌ ۾ شروع ڪيل ڪيترن ئي منصوبن جي منظوري ڏني وئي، ا نهن منصوبن ۾ 296 ارب روپين جي لاڳت سان نظرثاني ٿيل فلڊ ريسپانس اي??رجنسي هائوسنگ پروجيڪٽ به شامل آهي، ان ۾ وفاقي حڪومت طرفان 50 ارب روپين جو واعدو ڪيو ويو آهي. پي ايس ڊي پي 25 -2024ع ۾ سنڌ ۾ گهرن جي نئين س?? تعمير لاءِ وفاقي حصي طور 30 ارب روپيا رکيا ويا آهن. چيئرمين فورم کي ٻڌاي?? ته وفاقي حڪومت سنڌ ۾ گهرن جي نئين س?? تعمير جي ڪوششن ۾ پنهنجو حصو فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، سنڌ اي ڊي پي ۾ شامل ٻين منصوبن ۾ جن جي منظوري ڏني وئي هئي انهن ۾ ڪراچي واٽر اي??ڊ سيوريج سروسز امپرومينٽ پروجيڪٽ فيز 11 ۽ ڪراچي جو چٽاڀيٽي ۽ رهڻ جي قا??ل شهر شامل آهن فورم ڪراچي ۾ 13.502 بلين روپين جي معقول لاڳت سان گرين لائن بي آر ٽي ايس جي آپريشنل ڪرڻ جي نظرثاني ٿيل پي سي ون جي به منظوري ڏني، هي مشاهدو ڪيو ته سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت سان گڏوگڏ اي?? ايڇ اي طرفان ادا ڪيل سبسڊي کي گهٽ ڪرڻ لاءِ ڪراي?? ۾ واڌ تي غور ڪري رهي آهي، ان ۾ مورو ۽ راڻي پور جي وچ ۾ قومي شاهراهه (اي?? فائيو) جو 86 ڪلوميٽر ڊگهو حصو شامل آهي. چائنا پاڪستان اڪنامڪ ڪوريڊور (سي پيڪ) تحت اي??دڙ منصوبن مان، فورم ٿاڪوٽ ۽ راءِ ڪوٽ وچ جي ڪي ايڇ جي ري الاٽمينٽ کي 13.067 بلين آر اي?? بي جي معقول لاڳت سان گڏوگڏ نيوگوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي نظرثاني ٿيل پي سي ون جي منظوري 0ڏني. گوادر جو نئون هوائي اڏو ڪيلنڊر سال ۾ آپريشن ٿي ويندو. فورم ريلوي مين لائن 1 (اي?? اي?? ون) جي اپ گريڊيشن لاءِ ٻيهر ترميم ٿيل پي سي ون کي ڪليئر نه ڪيو ۽ پاڪستان ريلويز کي مشورو ڏنو ته هو ننڍن منصوبن ۽ پيڪيجن جي تياري تي غُور ڪري جيڪو فنانسنگ ۽ عملدرآمد لاءِ مخصوص هجن. فورم طرفان منظور ڪيل ٻين منصوبن لواري ٽنل تائين رسائي جا روڊ 33.257 بلين روپيا ۽ 13.995 بلين روپين جي لاڳت سان 48 ميگاواٽ جاگران هائيڊرو پاور اسٽيشن شامل آهن. فورم صحت سهولت پروگرام کي ڊسمبر 2024ع جي آخر تائين وڌائي ڇڏيو. ان ۾ قومي صحت واري وزارت جي خدمتن کي 15 سيپٽمبر تائين ان پروگرام کي موجوده بجيٽ ۾ منتقل ڪرڻ، ان جي مالياتي استحڪام کي بهتر بڻائڻ ۽ ريگوليٽري ۽ مانيٽرنگ فريم ورڪ ۾ سڌارن جي حوالي سان پنهنجون سفارشون پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. وفاقي حڪومت ۽ صوبن وچ ۾ هڪجهڙي طرح شيئر ڪرڻ لاءِ 68.25 ارب روپين جي لاڳت سان هيپاٽائيٽس سي جي انفيڪشن جي خاتمي لاءِ وزيراعظم ج?? پروگرام ج?? به منظوري ڏني وئي، وزارت قومي صحت جي خدمتن کي ٽن مهينن اندر سٺي طرح سان طئي ٿيل هدفن ۽ قا??ل پئماش اهڃاڻن س??ن عملدرآمد جو منصوبو تيار ڪرڻ جو ڪم سونپيو ويو هو. فورم پلاننگ ڪميشن کي وفاقي حڪومت وٽ دستياب گهٽجندڙ مالي گنجائش ۽ جاري منصوبن جي وقت سر تڪميل کي نظر ۾ رکندي پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام ج?? جائزو وٺڻ لاءِ هڪ مشق ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. اها منظوري سڄي پاڪستان ۾ معاشي ترقي، بحالي ۽ شهرين جي زندگين ??ي بهتر بڻائڻ لاءِ حڪومت جي عزم کي ظاهر ڪري ٿي.