اسلام آباد-11 جولاءِ (اي پي پي) قومي ا??يم??لي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ پاڪستان انسٽيٽيوٽ فار پارليامينٽري سروسز (پيپس) جي بورڊ آف گورنرز جو اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ اداري جي مالي ۽ انتظامي معاملن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ان موقعي تي اسپيڪر چيو ته پيپس جي قيام جو مقصد پارليامينٽ کي قانوني ۽ فني معاملن ۾ مدد فراهم ڪرڻ آهي. موثر عوامي قانونسازي جو ملڪي ترجيحن ۽ ترقي سان گهرو تعلق آهي. قومي ۽ صوبائي قانونساز ادارن ۾ تعاون کي هٿي وٺرائڻ نهايت اهميت وارو آهي. شفافاسپن/117435.html">يت ??ي برقرار رکڻ ۽ پرفارمنس کي بهتر بڻائڻ لاءِ اداري جو ٿرڊ پارٽي فنانشل ۽ پرفارمنس آڊٽ ڪرايو ويندو. اسپيڪر چيو ته اجلاس ۾ آزاد ڄمون ڪشمير ا??يم??لي ۽ گلگت بلتستان ا??يم??لي جي اسپڪرز کي به گورننگ بورڊ جو مستقل م??مبر بڻائڻ جي حوالي سان به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ پنجاب ا??يم??لي جي اسپيڪر ملڪ محمد احمد خان، سنڌ ا??يم??لي جي اسپيڪر اويس قادر شاهه، بلوچستان ا??يم??لي جي اسپيڪر عبدالخالق خان، خيبرپختونخوا ا??يم??لي جي اسپيڪر بابر سليم سواتي، آزاد ڄمون ڪشمير جي اسپيڪر چوڌري لطيف اڪبر ۽ گلگت بلتستان ا??يم??لي جي اسپيڪر نذير احمد کانسواءِ پارليامينٽ جي ميمبرن مولانا عبدالغفور حيدري، بلال اظهر ڪياني، وجيه قمر، خورشيد احمد جوڻيجو، مهتاب اڪبر راشدي، زرتاج گل ۽ سيد امين الحق شرڪت ڪئي.