اسلام آباد – 19 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته پارليامينٽ ۽ عوام ۾ ويجهن رابطن سان ملڪ ۾ جمهوريت مستحڪم ٿيندي، ينگ سٽيزن انٽرن شپ پروگرام ذريعي مستقبل جي م??ما???? کي پارليامينٽ ۽ ان جي نظام بابت آگاهي ملندي. ينگ سٽيزن انٽرن شپ پروگرام ۾ شرڪت ڪندڙ?? کي خطاب ڪندي هن چيو ته پروگرام ۾ شامل سمورن ٻار?? کي پارليامينٽ ۾ آجيان ڪريان ٿو. قومي اسيمبلي ۾ ٻارن جي انٽرن شپ جو بنياد 2014ع ۾ رکيو ويو، ٻارن جو انٽرن شپ پروگرام منهنجي دل جي تمام ويجهو ??هي، ٻارن جي روشن مستقبل لاءِ سمورا امڪاني قدم کڻنداسين. هن چيو ته خوشي آهي ته ان پروگرام ۾ ملڪ جي سمورن علائقن ۽ طبقن جي نمائندگي آهي، پارليامينٽ 25 ڪروڙ عوام جي دانش گاهه آهي. هن چيو ته ينگ سٽيزن شپ پرگرام ذريعي مستقبل جي م??ما???? کي پارليامينٽ ۽ ان جي نظام بابت آگاهي حاصل ٿيندي، پارليامينٽ ۽ عوام جي ويجهن رابطن سان ملڪ ۾ جمهوريت وڌيڪ مستحڪم ٿيندي، اهو ??طمينان آهي ته ملڪ جو مستقبل محفوظ هٿن ۾ آهي. هن چيو ته ملڪ جي ترقي لاءِ ضروري آهي ته سڀ گڏجي ڪم ڪريون. هن ٻار?? کي پروگرام ۾ ڀرپور شرڪت کي يقيني بڻ??ئڻ تي پڻ زور ڀريو.