لاهور- 04 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ (اڄ) 05 آگسٽ تي ڀارت پاران ڄمون ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪرڻ خلاف ۽ ڪشميرين جي آزادي واري حق جي حمايت لاءِ يوم استحصال ملهايو پيو وڃي، اي پي پي سان ڳالهائين??ي پاڪستان پيپلز پارٽي پنجاب جي سڪريٽري جنرل سيد حسن مرتضيٰ چيو ته مودي حڪومت جو ڪشمير تي طاقت جي بنياد تي قبضو عالمي ضمير جي منهن تي چماٽ آهي، 05 آگسٽ 2019ع تي ڀارت گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ عالمي قانون جي لتاڙ ڪن??ي پنهنجي آئين ۾ ترميم ڪئي ۽ ڪشمير کي ڀارت جو حصو قرار ڏنو جنهن تي گڏيل قومن کي قدم کڻڻ گهرجن ها پر سڄي دنيا خاموش رهي، هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي نه صرف ان قبضي جي مذمت ڪري ٿي پر اسان صدر آصف علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو جي اڳواڻي ۾ ڪشميرين جي آزادي جي حمايت ڪندي آزادي جي ان جدوجهد ۾ ڪشميرين جو ساٿ ڏئي رهيا آهيون، ان موقعي تي پيپلز پارٽي سان و??سط?? رکندڙ پنجاب اسيمبلي جي ميمبر نيلم جبار ۽ راحيله خادم حسين چيو ته ڪشميري پاڪستان جو اهم حصو آهن ۽ ڪا به ترميم ڪشميرين کي پاڪستان کان ڌار نه ٿي ڪري سگهي دنيا کي ڪشميرين جي آزادي لا??ِ آواز اٿارڻو پوندو.