اسلام آباد – 23 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پا??ست??ن ۽ ترڪ??ان??تان جي وچ ۾ واپاري، اقتصادي، سيڙپڪاري ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ترڪ??ان??تان جي ڪمپن??ن کي پا??ست??ن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ترڪ??ان??تان جي ڪابينا جي ڊپٽي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير راشد ميريدوف وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم ترڪ??ان??تان جي عظيم اڳواڻ قربان گلي بردي محمدوف سان هن مهيني جي شروع ۾ آستانه ۾ ٿيندڙ ملاقات جو ذڪر ڪندي چيو ته هو سندس پا??ست??ن ۾ استقبال ڪرڻ جو منتظر آهي. وزيراعظم ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي قيادت ۾ پا??ست??ن ۽ ترڪ??ان??تان جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جي ٽئين دور جي انعقاد تي اطم??نا?? جو اظهار ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن جي ادارن جي ان عمل ۾ باقاعده شموليت جي اهميت تي زور ڏنو. هن پا??ست??ن ۽ ترڪ??ان??تان جي وچ ۾ واپاري، اقتصادي، سيڙپڪاري ۽ ثقافتي لاڳاپن کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ترڪمان ڪمپن??ن کي پا??ست??ن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. وزيراعظم غيرملڪي سيڙپڪارن کي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ سهولت فراهم ڪرڻ ۾ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي خصوصي ڪردار تي روشني وڌي. هن علائقائي تعاون ۽ رابطي جي اهميت کي پڻ اجاگر ڪيو ۽ تاپي گئس پائيپ لائين ۽ ٻين منصوبن جي جلد تڪميل جي لاءِ پا??ست??ن جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو.