راولپنڊي -28 جولاءِ (اي پي پي) حڪومتي ٽيم ۽ جماعت اس??امي وچ ۾ ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن، حڪومتي ڳالهين واري ٽيم ۾ سڌ سماءَ وارو وفاقي ??زي?? عطا الله تارڙ، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان وارو وفاقي ??زي?? انجنيئر امير مقام، مسلم ليگ (ن) جو سينئر اڳواڻ طارق فضل چوڌري، ??زي??اعظم جو ميڊيا ڪو آرڊينيٽر بدر شهباز شامل آهن. جڏهن ته جماعت اس??امي جي وفد جي اڳواڻي لياقت بلوچ ڪ??ي رهيو آهي، ان کان اڳ ڳالهه ڪمشنر راولپنڊي جي آفيس آمد تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي ??زي?? عطاالله تارڙ چيو ته جماعت اس??امي جي اڳواڻن سان ڳالهين کان پوءِ سمورن معاملن کان آگاهه ڪي?? ويندو، اسان طرفان ڳالهين جي ٽيم ۾ ڪا به تبديلي نه ڪئي ويئي، اويس لغاري ملڪ ۾ موجود ناهي، هو چين ويو آهي. هن چيو ته جماعت اس??امي جي اڳواڻن سان گڏجي ويهي ڳالهائينداسين، جماعت اس??امي جا بلن بابت معاملا آهن انهن جا خدشا ختم ڪنداسين. هن چيو ته 200 يونٽن تائين استعمال ڪندڙ بجلي صارفين کي اڳ ئي 50 ارب رپين جي سبسڊي ڏني وئي آهي. حڪومت سولر پراجيڪٽس به شروع ڪري رهي آهي. ڊيزل ۽ تيل تي هلندڙ پلانٽس کي بند ڪي?? ويندو، سولر ٽيوب ويل لڳڻ سان بجلي جي کپت ۾ گهٽتائي ايندي. انهن قدمن جو مقصد سستي ۽ معياري بجلي پيدا ڪري بجلي جي قيمتن کي گهٽ ڪرڻ آهي.