اسلام آباد – 20 – آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان پاڪستان جي دوري تي آيل ايشيا ۾ رابطي ۽ اعتمادسازي جي قدمن تي ڪانفرنس (سيڪا) جي سيڪريٽري جنرل سفير ڪيرات سريبي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم ايشيا ۾ گڏيل ۽ ٺوس تعاون تي ٻڌل ۽ پائيدار سلامتي جي لاءِ سيڪا ج?? ويزن جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن تڪرارن ج?? روڪٿام، م??ام?? تڪرارن جي بنيادي سببن کي حل ڪرڻ ۽ سيڪا خطي ۾ پائيدار امن ۽ ترقي جي لاءِ پائيدار حل ڳولڻ جي ??رو??ت تي زور ڏنو. نائب وزيراعظم اڀرندڙ عالمي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ روڪٿام جي سفارتڪاري، گهڻ رخي ۽ علائقائي تعاون جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. سيڪا ج?? سيڪريٽري جنرل پاڪستان جي فعال ۽ تعميري ڪردار کي ساراهيو ۽ نائب وزيراعظم کي سيڪا ج?? جاري سرگرمين ۽ مستقبل جي موقف کان آگاهه ڪيو.