پشاور-21 آگسٽ (اي پي پي) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ايران جي شهر يزد ۾ پاڪستا??ي زائرين جي بس کي پيش آيل حادثي تي ايران ۾ پاڪستان جي سفير مدثر ٽيپو سان رابطو ڪيو ۽ چيو ته متاثرن کي هر ممڪن مدد فراهم ڪئي وڃي، جنهن تي ايران ۾ موجود سفير گورنر کي متاثرن جي هر ممڪن مدد جي خاطري ڪرائي آهي. ٻئي پاسي گورنر متاثر خاندانن کي خاطري ڪرائيندي چي?? آهي ته حادثي وارو هنڌ قونصل خاني کان 9 سئو ڪلوميٽر پري آهي، پاڪستاني ??فير پاڻ امدادي سرگرمين جي نگراني ڪري رهي?? آهي، يزد ۾ پاڪستا??ي زائرين جي شهادت افسوسناڪ آهي، صدر آصف علي ز??داري ان حوالي سان انتهائي ڏک جو اظهار ڪي?? آهي ۽ صدر پاڪستان سنڌ حڪومت کي حادثي متاثرن جي وارثن سان فوري رابطو ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن. متاثرن جو تعلق لاڙڪاڻي سان آهي، انهن جي وارثن کي ڀرپور حڪومتي تعاون فراهم ڪيو ويندو. گورنر چيو ته بس حادثي جي شهيدن جا مڙهه حاصل ڪرڻ لاءِ صدر زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خصوصي هدايتون جاري ڪيون آهن ۽ بس حادثي تي بلاول ڀٽو زرداري فوري طور تي ايراني ??ملدارن سان پڻ رابطو ڪي?? آهي. هن ايراني ??ملدارن طرفان هر ممڪن تعاون جي خاطري کي به سٺو سنئوڻ قرار ڏن?? آهي.