اسلام آباد -26 آگسٽ (اي پي پي)ملڪي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ جاري ڪئلينڊر سال دوران 1.994 ارب ڊالرز جو اضافو رڪارڊ ڪ??و ويو آهي. اسٽيٽ بئنڪ طرف??ن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق گذريل سال جي پڄاڻي تي مٽاسٽا جي ملڪي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 12.673 ارب روپيا رڪارڊ ڪ??و ويو هو، جن ۾ اسٽيٽ بئنڪ وٽ مٽاسٽا جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 8.233 ارب ڊالرز ۽ ڪمرشل بئنڪن وٽ مٽاسٽا جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 4.440 ارب ڊالرز هو. 16 آگسٽ تي ختم ٿيل ه??تي ۾ مٽاسٽا جي ملڪي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 14.667 ارب ڊالرز رڪارڊ ڪ??و ويو جن ۾ اسٽيٽ بئنڪ وٽ مٽاسٽا جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 9.292 ارب ڊالرز ۽ بئنڪن وٽ مٽاسٽا جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 5.376 ارب ڊالرز هو. جاري ڪئلينڊر سال جي شروع??ت کان هن وقت تائين اسٽيٽ بئنڪ جي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ 1.058ارب ڊالرز ۽ بئنڪن وٽ مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ 936 ملين ڊالرز جو اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي.