اسلام آباد – 28 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته دوست ملڪن مان سيڙپڪاري جي منصوبن تي عملدرآمد ۾ ڪنهن به قسم جي سُسِتي قبول نه آهي، سمورا وزير ۽ لاڳاپيل ادارا تجويز ڪيل منصوبن تي اڳڀرائي کي تيز بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻن، پاڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت، معدني??ت ۽ قيمتي پٿرن ۽ توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي وسيع صلاحيت موجود آهي، انهن شعبن ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري سان نه رڳو ملڪي ر??انگي واپار ۾ ا??افو ٿيندو پر لکين نوجوانن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪي معيشت جي ترقي ۽ سيڙپڪاري جي حوالي سان قدمن تي جائزه اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي ر??ٽنگ ايجنسي موڊيز پاران پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ کي اپ گريڊ ڪرڻ تي اطمينان جو ا??هار ڪندي چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان معاشي ٽيم جون ڪوششون ڪامياب ٿي ر??يون آهن، گذريل حڪومت جي دور ۾ ملڪ جي خاطر پنهنجي سياست جي قرباني ڏني. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني معيشت کي ڊيفالٽ کان بچايو، معيشت استحڪام کانپوءِ ترقي طرف گامزن آهي، حڪومت پاران قومي مفادن کي سياسي مصلحتن تي ترجيح ڏيڻ جي پاليسي جا مثبت اثر هاڻي معيشت تي نظر اچڻ لڳا آهن، موڊيز پاران پاڪستان کي سي اي اي ٽو ريٽنگ ڏيڻ حڪومت جي معاشي پاليسين جي صحيح هجڻ جو عالمي اعتراف آهي. وزيراعظم چيو ته اميد آهي ته معيشت انهي ر??تار سان مثبت رخ ۾ اڳتي وڌندي ر??ندي، ان اهم اڳڀرائي ۽ معيشت جي مجموعي بهتر صورتحال جي حوالي سان ناڻي واري وزير ۽ سندس ٽيم جون ڪوششون سارا??ه جوڳيون آهن، دوست ملڪن مان ملڪ جي مختلف شعبن ۾ ا??بين رپين جي سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جو ا??هار حڪومت جي ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري دوست پاليسين جو نتيجو آهي. وزيراعظم چيو ته دوست ملڪن مان سيڙپڪاري جي منصوبن تي عملدرآمد ۾ ڪنهن به قسم جي سستي قبول نه آهي، سمورا وزير ۽ لاڳاپيل ادارا تجويز ڪيل منصوبن تي اڳڀرائي کي تيز بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت، معدني??ت ۽ قيمتي پٿرن ۽ توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي وسيع صلاحيت موجود آهي، انهن شعبن ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري سان نه رڳو ملڪي ر??انگي واپار ۾ ا??افو ٿيندو پر لکين نوجوانن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. اجلاس ۾ وزيراعظم کي عالمي ر??ٽنگ جي اداري موڊيز جي پاڪستان جي ر??ٽنگ ۾ بهتري، مختلف شعبن ۾ دوست ملڪن سان سيڙپڪاري جي معاهدن تي اڳڀرائي ۽ جاري منصوبن جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي چين پاڪستان اقتصادي لنگ??ه جي ٻئي مرحلي تحت منصوبن تي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم سمورن منصوبن ۾ شفافيت جي عنصر کي اهميت ڏيڻ سان گڏوگڏ انهن کي لاڳو ڪرڻ کي ترجيحي بنيادن تي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، وفاقي وزيرن ڄام ڪمال خان، احد خان چيما، احسن اقبال، محمد اورنگزيب، عطاءُ الله تارڙ، سردار اويس خان لغاري، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، عبدالعليم خان، مملڪتي وزيرن علي پرويز ملڪ، شزه فاطمه خواجه، منصوبابندي ڪميشن جي ڊپٽي چيئرمين جهانزيب خان، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.