اسلام آباد-01 سيپٽمبر (اي پي پي)صدر مملڪت آصف علي زرداري چيو آهي ته اسان غير قانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ آيل ڄمو?? ڪشمير جي مظلوم عوام جي حقن لاءِ عظيم ڪشميري اڳواڻ ??يد علي گيلاني جي جرئتمندي واري جدوجهد کي خراج عقيدت پيش ڪيون ٿا. هو ڏهاڪن تائين مزاحمت جي لاٽ بڻيل رهيو ۽ بي شمار ڪشميرين کي خوداراديت جي جدوجهد ۾ ثابت قدم رهڻ جو حوصلو ڏنو . ڪشميري عوام جي جائز مقصد لاءِ سندس اڻٿڪ محنت ۽ قربانيون اسان جي دل ۽ دماغ تي هميشه نقش رهنديون. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري ڪيل بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار ه?? ڪشميري اڳواڻ ??يد علي گيلاني جي ٽئين ورسي جي موقعي تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. صدر مملڪت چيو ته ??يد علي گيلاني هڪ عظيم اڳواڻ هو ۽ ڄمو?? ڪشمير جي عوام کي خوداراديت وارو حق ڏيارڻ لاءِ سندس ارادا تمام گهڻا مضبوط هئا. قيد سميت ٻيون ڏکيائيون سندس عزم کي ڪمزور نه ڪر ي سگهيون ۽ هو پنهنجي مشن کان پويان نه هٽيو. هن چيو ته گيلاني صاحب هميشه پنهنجو ڌيان حتمي مقصد تي رکيو ۽ ڪڏهن به ڪشميري عوام کان سندن خوداراديت وارو حق ڏيارڻ جي جدوجهد کان پويان نه هٽيو . سندس قيادت ڀ??رتي ظلم خلاف ثابت قدمي والاريل ڄمو?? ڪشمير جي عوام تي گهرا نقش ڇڏيا آهن . صدر مملڪت چيو ته اڄ اسان اهو عهد ڪيون ٿا ته ??يد علي گيلاني سميت ٻي?? ڪشميري اڳواڻن جي قربانين کي ضايع ٿيڻ نه ڏينداسين . اسان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن موجب والاريل ڄمو?? ڪشمير جي عوام کي خوداراديت وارو حق ڏيارڻ لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکنداسين. صدر آصف علي زرداري چيو ته مان پنهنجي ڪشميري ڀائرن کي يقين ڏياريان ٿو ته پاڪستان سندن جائز جدوجهد لاءِ اخلاقي ، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو. صدر آصف علي زرداري چيو ته اسان کي ??يد علي گيلاني جي مثالي بهادري ۽ جدوجهد مان سبق سکڻ گهرجي. هن ڌڻي در دعا ڪئي ته الله پاڪ ??يد علي گيلاني تي پنهنجون رحمتون نازل فرمائي.