ڪوئيٽه-06 سيپٽمبر (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي 6 سيپٽم??ر يوم دفاع جي مناسبت سان پنهنجي جاري پيغام ۾ چيو آهي ته 6 سيپٽمبر جو ڏينهن مُلڪ جي تحفظ، سلامتي ۽ دفاع لاءِ اجتماعي قومي جذبي ۽ عزم کي هميشه قائم رکڻ جو درس ڏئي ٿو ۽ 6 سيپٽمبر 1965ع تي ئي اسان جي فوج دشمنن جا قدم ٽوڙي ڇڏ??ا ۽ مادرِ وطن جي دفاع لاءِ شيهي جي ديوار بڻجي وئي. وڏي وزير چيو ته پاڪستان جي وجود کان وٺي اڄ تائين اسان جي بهادر فوج ملڪ ۽ قوم لاءِ لازوال قربانيون ڏنيون آهن ۽ ملڪ کي هميشه دشمن جي ميري نظر کان محفوظ بڻايو آهي. وڏي وزير چيو ته يوم دفاع ان عهد جي تجديد آهي ته اسان پنهنجي عظيم شهيدن جي قربانين کي ضايع ڪرڻ نه ڏينداسين، هن چيو ته صوبي ۾ امن امان ۽ تخريبڪار عنصرن ??لاف صوبي جو عوام هميشه پنهنجي بهادر فوج ۽ ٻين سيڪيورٽي ادارن ??ان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي سندن مضبوط ٻانهون بڻيو آهي. هن چيو ته بلوچستان ۾ دهشتگردي ۽ ڏڦيڙ پکيڙڻ وارن ??ان ??ا رعايت نه ڪئي ويندي، صوبائي حڪومت پنهنجي سيڪيورٽي ادارن ??ي تعاون سان پنهنجي ڌرتي جي هڪ هڪ انچ جو دفاع ڪندي ۽ صوبي ۾ تخريبڪاري، ڏڦيڙ ۽ دهشتگردي ڦهلائڻ وارن کي منتقي انجام تائين پهچايو ويندو. وڏي وزير يوم دفاع جي موقعي تي وطن عزيز جي سمورن ??هيدن کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو.