اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۽ ڪ??رو??اري سرگرمين ۾ اضافي جي لاءِ تيزي سان سڌارا جاري آهن، حڪومت ملڪ ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي راهه ۾ سموريون رڪاوٽون ختم ڪري رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پ??ران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پيٽروليم شعبي سان تعلق رکندڙ عالمي شهرت يافته ڪمپني گنور گروپ جي چيئرمين توربيون تورنقوسٽ ۽ ٽوٽل انرجيز جي ريجنل وائيس پريزيڊنٽ مه??ت جيليپوعلو سان ڳالهائيندي ڪيو جن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي وزير احد خان چيما، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، خاص معاون طارق فاطمي ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته الحمدالله پاڪستان جي معيشت مستحڪم ٿي ترقي جي راهه تي گامزن آهي، ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۽ ڪ??رو??اري سرگرمين ۾ اضافي جي لاءِ تيزي سان سڌارا جاري آهن، اسان جي معاوشي ۽ ڪ??رو??اري پاليسين جي مثبت ثمرن جو سلسلو جاري آهي. وزيراعظم چيو ته حڪومت ملڪ ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي راهه ۾ سموريون رڪاوٽون ختم ڪري رهي آهي. گنور گروپ جي چيئرمين توربيون تورنقوسٽ پاڪستان جي پيٽروليم سيڪٽر ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته گنور گروپ پاڪستان ۾ ٽوٽل پارڪو جي 50 سيڪڙو شيئرز جو معاهدو ڪري چڪي آهي. گنور گروپ جي چيئرمين چيو ته وزيراعظ?? جي قيادت ۾ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ مثبت قدم کنيا پيا وڃن. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي گنور گروپ کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ هر قس?? جي سهولت فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.