اسلام آباد-10 آڪٽوبر (اي پي پي) سيڙپڪاري ۽ نجڪاري واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آھي ته پاڪستان، سعودي عرب بزنس فورم ذريعي ٻنھي ملڪن وچ ۾ مضبوط اقتصادي سھڪار سا?? پاڪستان جي معيشت تيزي سان ترقي ڪندي ۽ معاشي استحڪام سان گڏو گڏ عوامي فلاح ۽ بھبود جي موقعن ۾ به اضافو ٿيندو. پاڪستان سعودي عرب بزنس فورم جھڙا پليٽ فار??ز ٻنھي ملڪن وچ ۾ اقتصادي سھڪار کي ھٿي وٺرائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪندا. سعودي عرب جي سيڙپڪارن کي ??اڪستان ۾ توانائي، زراعت، بنيادي ڍانچي ۽ ٽيڪنالاجي سميت مختلف شعبن ۾ موقعا موجود آھن، ان قسم جي فورمز سان ٻنھي ملڪن وچ ۾ اقتصادي ناتن کي ھٿي وٺرائڻ ۽ پاڪستان جي معيشت کي ??ضبوط ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي. انھن خيالن جو اظھار ھن گذريل ڏينھ?? پاڪستان سعودي عرب بزنس فورم کي خطاب ڪندي ڪيو. ان فورم جو مقصد ٻنھي ملڪن وچ ۾ واپاري لاڳاپن کي ??ڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ سيڙپڪاري جي موقعن کي بھتر بڻائڻ ??ھي ته جيئ?? پاڪستان جي معيشت تيزي سان ترقي ڪري. ھن چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا وڌيڪ موقعا موجود آھن ۽ انھن موقعن مان فائدو کڻڻ لاءِ سعودي حڪومت ۽ واپاري برادري جي مدد ڪنداسين. ھن چيو ته مشڪل حالتن ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏيڻ تي سعودي حڪومت جا شڪرگذار آھيون. وفاقي وزير چيو ته پاڪستاني حڪومت ادارن ۾ جيڪي پاليسي سڌارا آندا آھن اھي سعودي عرب جي سيڙپڪارن کي ??اڪستان ۾ سيڙپڪاري ڏانھن آڻيندا. ان سڌارن جو مقصد ڪاروباري ماحول کي بھتر بڻائڻ، سيڙپڪارن کي سھولتون فراھم ڪرڻ ۽ پرڏيھي سيڙپڪاري کي ھٿي ڏيڻ آھي. ھن چيو ته بھتر پاليسين جي نتيجي ۾ سعودي عرب جي سيڙڪارن کي ??اڪستان ۾ سيڙپڪاري جا موقعا وڌيڪ پرڪشش لڳندا جنھن سان ٻه طرفا واپاري لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. ھن چيو ته پاڪستاني حڪومت تازو ئي جيڪي پاليسي سڌارا آندا آھن، انھن جو مقصد سيڙپڪاري جي ماحول کي بھتر بڻائڻ ۽ پرڏيھي سيڙپڪارن کي ??اڪستان ۾ ڪاروبار لاءِ وڌيڪ آسانيون فراھم ڪرڻ آھي، حڪومت آءِ ٽي ۽ ڊجيٽل معيشت کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ ڪيتريون نيو?? پاليسيون متعارف ڪرايون آھن، جن جو مقصد شعبن ۾ سيڙپڪاري جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ جديد ٽيڪنالاجي کي ??لڪ ۾ آڻڻ آھي، اھي سڌارا سيڙپڪارن لاءِ پاڪستان ۾ پرڪشش حيثيت رکن ٿا ۽ سعودي سيڙپڪار انھ?? پاليسين مان ڀرپور نموني فائدو کڻي سگھن ٿا. ھن چيو ته پاڪستان سعودي عرب بزنس فور جھڙا پليٽ فارمز پاڪستان جي معيشت لاءِ تمام اھم آھن ۽ ان سان معاشي ترقي جي رفتار تيز ٿي سگھي ٿي. اھڙا فور??ز ٻنھي ملڪن وچ ۾ ڪاروباري موقعن کي ??ڌائڻ ۽ ٻه طرفي اقتصادي سھڪار کي ھٿي وٺرائڻ ??ا موقعا فراھم ڪن ٿا.