پشاور-10 آڪٽوبر (اي پي پي)خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته صوبي جو امن اسان جي ترجيحن ۽ اڄ جي جرڳي جي هڪ ئي ايجنڊا ??هي. وزيراعليٰ هائوس ۾ منعقد جرڳي کي خطاب ڪندي هن چيو ته اهو جرڳو منعقد ڪرڻ تي جتي صوبائي حڪومت جو آئون ٿورائتو ??هي??ن اتي وفاقي گه??و وزير محسن نقوي جي آمد تي سندس خصوصي طور ٿورو مڃيان ٿو. هن چيو ته مان خيبرپختونخوا جي وڏي وزير ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن جو به ٿورائتو ??هي??ن جن اهو جرڳو منعقد ڪيو. هن چيو ته اسان جا سياسي اختلاف موجود آهن، هن خطي ۾ افغانستان جو مسئلو اسان جي آڏو ??هي?? جتي عالمي برادري ڳالهين سان مسئلي جي حل تي متفق ٿي. خيبر ضلعي جي حوالي سان هن چيو ته اسان وٽ وقت گهٽ آهي ۽ اسان کي سڀني کي ڳالهين تي راضي ڪرڻو ۽ مسئلي جو حل ڪڍڻو آهي جيڪي ماڻهو هن ملڪ جي آئين ۽ قانون کي تسليم ڪن ٿا انهن سان ڳالهيون ڪرڻ گه??جن. هن چيو ته ڪجهه مطالبا صوبائي حڪومت جا هوندا ڪجهه وفاقي حڪومت جا هوندا، هتي وڏو وزير ويٺو آهي ۽ گه??و وزير به ۽ سياسي قيادت به اسان کي ان مسئلي جو حل ڪڍڻو ??هي?? هن چيو ته امن جي صورتحال خراب ??هي?? صوبي جا ڪيترائي علائقا اڄ به نوگو ايرياز آهن اسان سڀني کي متحد ٿي هن صوبي کي امن ڏيڻو پوندو.