اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (افغانستان ۽ اوڀر ايشيا) سفير احمد نسيم وڙائچ افغانستان بابت ماسڪو ??ار??يٽ ڪنسلٽيشنز جي ڇهين اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته ماسڪو ??ار??يٽ جي ملڪن گڏيل بيان ۾ افغانستان ۾ امن امان جي صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي دهشتگرد ۽ عليحدگي پسند گروپن پاران عالمي ۽ علائقائي اس??حڪام کي لاحق خطرن جو ذڪر ڪيو. هن ان ضرورت تي زور ڏنو ته افغانستان دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ جامع قدم کڻي ۽ پنهنجي سرزمين کي پاڙيسري ملڪن ۽ وسيع خط?? جي خلاف اس??عمال ٿيڻ کان روڪي.