اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) وقتي ??در سيد يوسف رضا گيلاني ايران سان واپار، سلامتي، ثقافت ۽ تعليم جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي ??ور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ گهرا تاريخي، مذهبي ۽ ثقافتي لاڳاپا آهن ۽ پاڪستان جي عوام ايراني عوام سان تمام گهڻو احترام ۽ محبت رکي ٿي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ ايوان صدر ۾ ايران جي سفير ڊاڪٽر رضا اميري مغدم سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات دوران وقتي ??در ان ڳالهه تي ??ور ڏنو ته پاڪستان ۽ ايران ڪيترن ئي عالمي ۽ علائقائي فورمز جا فعال ميمبر رهيا آهن. ٻنهي ملڪن سان گڏوگڏ وسيع تر خطي سان رابطي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ موجوده تعاون جي حقيقي صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي. ايراني سفير ان ڳالهه تي ??طمينان جو اظهار ڪيو ته پاڪستان گذريل سال ايران جو پنجون وڏو واپاري حصيدار هو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي واپار جي موجوده ڪاٿي کي 10 ارب ڊالر تائين وڌائڻ جا موقعا ڳولڻ جي ضرورت تي ??ور ڏ??و. ??طي جي غيرمستحڪم صورتحال تي ??يالن جي مٽاسٽا ڪندي سفير چيو ته اسان لبنان ۽ غزه ۾ نسل ڪشي جا واقعا ڏسي رهيا آهيون. هن 7 آڪٽوبر 2024ع تي ??ل پارٽيز ڪانفرنس (اي پي سي) منعقد ڪرڻ تي پاڪستان حڪومت کي ساراهيو ۽ وڌيڪ چيو ته اهو اسان جي فلسطيني ڀائرن ۽ ڀينرن جي حمايت ڪرڻ اسلامي دنيا جي لاءِ هڪ ماڊل جو ڪم ڪري سگهي ٿو. وقتي ??در ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان فلسطين ڪاز جي حمايت جي لاءِ پرعزم آهي. وقتي ??در ٻنهي ڀائ?? ملڪن جي وچ ۾ دوستي ??ي رشتن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا سميت عوامي رابطن کي وڌائڻ جي اهميت تي ??وشني وڌي. آخر ۾ وقتي ??در هر سال ايراني مذهبي جاين جو دورو ڪندڙ پاڪستاني زائرين کي سهولت فراهم ڪرڻ تي ??يراني حڪومت جا ٿورا مڃيا. هن پاڪستاني زائرين جي روحاني سفر دوران ايراني عوام جي گهري محبت ۽ لڳاءُ جو اعتراف ڪيو.