اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ??هي ته نان پاڪستانين کي ڪنهن به قسم جو سڃاڻپ ڪارڊ يا پاسپورٽ جاري نه ٿو ڪيو وڃي، ان حوالي سان قانون موجود آهن، ايف آءِ اي انساني اسمگلنگ جي حوالي سان متحرڪ آهي، اسلام آباد جي ڪنهن هڪ مخصوص سيڪٽر ۾ ڊي??لپ??ينٽ چارجز لاڳو ناهن ڪيا و??ا، ٻين سيڪٽرز ۾ به اهي چارجز هنيا و??ا آهن، الاٽيز کي قسطن ۾ ادائيگي جي سهولت ڏني وئي آهي. هو قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ سوالن جواب?? جي وقفي دوران قومي اسيمبلي جي مختلف ميمبر?? جي ضمني سوالن تي جواب ڏئي رهيو هو. اسيمبلي ميمبر سحر ڪامران ۽ نور عالم خا?? جي ضمني سوال?? جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ??ه پاسپورٽ آفيس ۾ نوان اسڪينرز ۽ مشينون هنيون ويون آهن، پاسپورٽ جي پوري نظام کي بهتر ڪيو ويو ??هي، افغان شهري?? جي حوالي سان دستاويز?? جي ٿري ٽيئر ليول تي اسڪروٽني ڪئي وڃي ٿي. هن چيو ??ه پاسپورٽ جي حتمي جاري ڪرڻ کان اڳ سمورن دستاويز?? جي نادرا جي ڊيٽابيس کان تصديق ڪئي وڃي ٿي، فيملي رجسٽريشن سرٽيفڪيٽ (ايف آر سي) سان به پاسپورٽ جي تصديق ڪئي وڃي ٿي. هن چيو ??ه فيڪ پاسپورٽ بابت اڃا تائين ڪو ڪيس رپورٽ ناهي ٿيو. هن واضح ڪيو ??ه جيڪو پاڪستاني نه آهي ان کي پاڪستان جو سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ نه ٿو جاري ڪيو وڃي ٿو، ان حوالي سان قانون موجود آهن. هن چيو ??ه پاسپورٽ آفيس ۾ تصديق جو مڪمل مڪينزم موجود آهي، مڪمل پروف فراهم ڪرڻ کانپوءِ ئي پاسپورٽ ۽ نادرا مان سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪيو وڃي ٿو. نادرا ۾ ايف آر سي جو نظام انهي ٺاهيو ويو هو ته پوري فيملي جي تصديق ٿي سگهي. هن چيو ??ه معزز ميمبر وٽ ڪو مخصوص ڪيس آهي ته ٻڌائي، ان جو نوٽيس ورتو ويندو. قومي اسيمبلي ميمبرن شرميلا فاروقي ۽ عبدالقادر پٽيل جي ضمني سوالن تي هن چيو ??ه 29 اپريل 2024ع تي نيشنل سائبر ڪرائيم انويسٽي گيشن ايجنسي جا رولز ٺاهيا و??ا هئا، ريگيولر چيئرمين ۽ ٻين عهديدار?? جي مقرري جي حوالي سان معاملا غور هيٺ آهن، ايندڙ ٻن مهينن دوران ان کي حتمي شڪل ڏني ويندي. هن چيو ??ه سائبر ڪرائيم ونگ ايف آءِ اي تحت ڪم ڪري رهيو ??هي، سائبر ڪرائيم جي ڪيس تي پيڪا ايڪٽ تحت ايف آءِ اي ڪارروائي ڪري ٿي. هن چيو ??ه هڪ سياسي پارٽي ڀرپور ڪوشش ڪئي ته شاگرد?? جي ذريعي امن امان کي خراب ڪيو وڃي، پنجاب جي وزيراعليٰ ڀرپور پريس ڪانفرنس ڪئي آهي ۽ عوام جي سامهون سموريون حقيقتون رکيون آهن. هن چيو ??ه هتڪ عزت جو قانون پنجاب حڪومت ٺاهيو هو، ان تحت ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. قومي اسيمبلي ميمبر شائسته پرويز جي ضمني سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ??ه گهرو وزارت تحت سي ڊي اي راول ڊيم جي صفائي مهم شروع ڪئي، پنجاب حڪومت جي تعاون سان سي ڊي اي صفائي جي مهم هلائي ٿو، راول ڊيم اسپورٽس جون سرگرميون پڻ منعقد ڪيون وڃن ٿيون، سي ڊي اي راول ڊيم تي سياح?? جي لاءِ تفريحي جايون پڻ تيار ڪيون آهن. اسيمبلي ميمبرن شاهده رحماني، زهره ودود فاطمي ۽ نگهت شڪيل جي ضمني سوالن تي وفاقي وزير چيو ??ه انساني اسمگلنگ ۾ نه رڳو مرد پر عورتون ۽ ٻار به متاثر ٿين ٿا، انساني اسمگلنگ جي حوالي سان قانون موجود آهن، آگاهي مهم به هلائي پئي وڃي. هن چيو ??ه ايف آءِ اي به انساني اسمگلنگ جي حوالي سان متحرڪ آهي، قانون ۾ وڌيڪ بهتري جي لاءِ تجويزون ڏيون، انهن تي عملدرآمد ڪنداسين. هن چيو ??ه 18هين ترميم کانپوءِ صوبن ۾ انساني اسمگلنگ جا معاملا صوبائي سبجيڪٽ آهن، صوبن ۾ انساني اسمگلنگ جي روڪٿام صوب?? جي ذميواري آهي، سرحدن ۽ هوائي اڏ?? جي ذريعي انساني اسمگلنگ جي روڪٿام وفاق جي ذميواري آهي. هن چيو ??ه قانونسازي کي موثر بڻائڻ جي لاءِ وڌيڪ ڪم ڪري سگهجي ٿو، صوبائي معاملن ۾ مداخلت نه ٿي ڪري سگهجي. هن چيو ??ه انساني اسمگلنگ ۾ ملوث گروه?? جي خلاف ايف آءِ اي ڪارروائي ڪري رهي آهي. وفاقي وزير چيو ??ه امن امان ۽ دهشتگردي جي حوالي سان نيشنل ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ نيشنل ايڪشن پلان جو جائزو ورتو وڃي ٿو، چئني صوبن بشمول گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي چيف سيڪريٽريز ۽ آءِ جيز ايپڪس ڪميٽي ۾ موجود هوندا آهن. هن چيو ??ه نيشنل ايپڪس ڪميٽي جي ايجنڊا ۾ بين الصوبائي انساني اسمگلنگ جو معاملو شامل ڪيو ويندو. قومي اسيمبلي ميمبرن مهرين رزاق ڀٽو، ملڪ ابرار، سيد جاويد علي شاهه ۽ ڊاڪٽر طارق فضل جي ضمني سوالن جو جواب ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ??ه رڳو سيڪٽر اي اليون ۾ ڊي??لپ??ينٽ چارجز لاڳو ناهن ڪيا و??ا، سي 14، سي 15 ۽ 16 ۾ به ڊي??لپ??ينٽ چارجز هنيا و??ا آهن، ترقياتي ڪمن کانپوءِ انهن سيڪٽرز ۾ پلاٽ?? جي قيمتن ۾ به اضافو ٿيندو، الاٽيز کي قسطن ۾ ڊي??لپ??ينٽ چارجز جي ادائيگي جي سهولت ڏني وئي آهي. ڊي??لپ??ينٽ چارجز انهي لاءِ لاڳو ڪيا و??ا آهن ته بجلي، رستن، پاڻي ۽ سيني ٽيش?? جي معاملن کي حل ڪري سگهجي. هن چيو ??ه الاٽيز جي وڌيڪ سهولت لاءِ سي ڊي اي کي هدايت ڪئي پئي وڃي ته اها ان حوالي سان ڪميٽي قائم ڪري، ڪميٽي ۾ اصل الاٽيز جي حوالي سان به ٽي او آرز ٺاهڻ جي هدايت ڪئي پئي وڃي، ڪوشش هوندي ته سي ڊي اي اڄ ئي ڪميٽي نوٽيفاءِ ڪري. هن چيو ??ه اوورسيز پاڪستانيز جي لاءِ اوورسيز پاڪستاني فائونڊيشن موجود آهي، مناسب هوندو ته او پي ايف اوورسيز پاڪستاني?? جي معاملن کي ڊيل ڪري. هن چيو ??ه ماڊل وليج پروگرام سان اسلام آباد جي ڳوٺن ۾ سهولتون فراهم ڪيون ويون، سيدپور ڳوٺ ۾ سياح?? جي دلچسپي جي لاءِ قدم کنيا و??ا. علي پور فراش ۾ لو ڪاسٽ هائوسنگ پراجيڪٽ بابت ضمني سوال تي هن چيو ??ه نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي علي پور فراش ۾ لو ڪاسٽ هائوسنگ پراجيڪٽ جي وقت سر ادائيگيون نه ڪيون، اهو منصوبو 66 سيڪڙو مڪمل آهي، بهتر آهي اهو معاملو لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏانهن موڪليو وڃي جنهن تي اسپيڪر اهو معاملو اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏانهن موڪلي ڇڏيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ??ه مارگلا روڊ جي بري امام تائين توسيع تي ڪم جاري آهي، گهرو وزارت سيرينا کان جناح ڪنوينشن سينٽر تائين انڊر پاس تجويز ڪيو ??هي، فلاءِ اوور ۽ انڊر پاسز جو مڪمل منصوبو ٺاهيو پيو وڃي جنهن جو جلد پيڙهه جو پٿر رکيو ويندو. هن چيو ??ه ايس سي او سربراهه اجلاس جي موقعي تي جناح ڪنوينشن سينٽر ۾ ٻن مهين?? جي مختصر مدي ۾ سي ڊي اي رنگ روغن جو ڪم سرانجام ڏنو، سي ڊي اي جي سٺي ڪمن کي ساراهڻ گهرجي.