اسلام آباد – 22 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف وڏي مقدار ۾ ڀارت ۾ تيار ٿيل نشي آور گوريون ۽ منشيات جي اسمگلنگ جي ڪوشش ناڪام بڻائڻ تي پاڪ بحر??ه جي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي همٿائيندي چيو آهي ته مون سميت سڄ?? قوم کي ملڪي سامونڊي حدن جي حفاظت تي بيٺل پنهنجي پاڪ بحر??ه جي آفيسرن ۽ اهلڪارن تي فخر آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پاڪ بحر??ه جا آفيسر ۽ اهلڪار نه رڳو پاڪستاني سامونڊي حدن جي حفاظت پر خطي ۾ غيرقانوني سرگرمين کي روڪڻ جي لاءِ موثر ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته مون سميت سڄ?? قوم کي ملڪي سامونڊي حدن جي حفاظت تي بيٺل پنهنجي پاڪ بحر??ه جي آفيسرن ۽ اهلڪارن تي فخر آهي.