راولپنڊي-05 نومبر (اي پي پي) پاڪ بحريه جي جهاز پي اين ايس ذوالفقار ريجنل ميري ٽائم سيڪيورٽي پيٽرول دو??ان جبوتي جو دؤرو ڪ??و، جتي جبوتي بحريه جي عملدارن پاڪ بحريه جي جهاز جي آجيان ڪئي. آءِ ايس پي آر مطابق ڪمانڊنگ آفيسر پي اين ايس ذوالفقار جي ميزبان بحري عملدارن سان ملاقاتون ڪيون. جبوتي بحريه جي ڪمانڊر ۽ ڪوسٽ گارڊز سان پيشيوراڻي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. دؤري جي پڄاڻيءَ تي جبوتي ڪوسٽ گارڊز سان گڏيل بحري مشق منعقد ??ئي وئي. مشق جو مقصد گڏيل آپريشنز جي صلاحيت ۽ گڏيل سهڪار کي وڌيڪ بهتر بنائڻ هو. ??اڪ??تان ۽ جبوتي جي سامونڊي فوج وچ ۾ ٻه طرفه رابطا ٻنهي ڀائرملڪن وچ ۾ سفارتي لاڳاپن ۾ بنيادي حيثيت رکن ٿا. جبوتي ۾ قيام دو??ان مختلف ملڪن جي سفيرن، دفاعي اتاشي، جبوتي جي اعليٰ سول ۽ فوجي قيادت سان مقامي ۽ ??اڪ??تاني ڪميونٽي به جهاز جو دؤرو ڪ??و. ان دؤري سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ملندي.