اسلام آباد-11 نومبر (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سان جمهوريه تر??يه جي سفير عرفان نذير اوگلو ڪالهه ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ تاريخي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن تي روشن وڌ?? وئي ۽ خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري ۽ بچاءَ جي شعبن ۾ وڌ??دڙ سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ٿئي. سينيٽر محمد اورنگزيب، عرفان نذير اوگلو کي سندس سفارتي ذميدارين تي ڀليڪار چيو ۽ پاڪستان ۽ ترڪي جي لاڳاپن کي وڌ??ڪ هٿي ڏيڻ جي اهميت تي زور ڀ??يو. هن واشنگٽن ڊي سي ۾ هاڻوڪي ورلڊ بئنڪ گروپ/آءِ ايم ايف جي سالياني ميٽنگ 2024ع دوران تر??يه جي ناڻي واري وزير مهمت شمشيڪ سان ٿيل پنهنجي ملاقات جو به ذڪر ڪيو جنهن ۾ پاور سيڪٽر جي سڌارن جي حوالي سان تر??يه جي تجربن مان فائدو کڻڻ جا امڪان بحث هيٺ آيا. وفاقي وزير تر??يه جي ڪمپ??ين کي پاڪستان جي آءِ ٽي ۽ زراعت جي شعبن ۾ گڏيل منصوبن جي اڇ ڪئي جنهن سان بنهي ملڪن کي گڏيل فائدا حاصل ٿيندا. ترڪ سفير پاڪستان جي معاشي سڌارن کي ساراهيو ۽ ناتن کي وڌ??ڪ مضبوط بنائڻ لاءِ مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي.